ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف جاري احتجاج دوران دلچسپ واقعا به پيش اچي رهيا آهن. جنهن تحت ماڻهن جي سنڌ سان محبت ۽ درياءُ سان الفت ظاهر ٿي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ مسافر بس ڪنهن لنڪ روڊ سان پنجاب وڃڻ جي ڪوششن ۾ آهي. لنڪ روڊ تي ڳوٺاڻا پهچي وڃن ٿا جيڪي بس کي روڪين ٿا. بس ڊرائيور کين منٿون ڪري ٿو. اها ڳالهه ٻولهه هن ريت آهي. ڳوٺاڻا: اڙي بابا رستو بند آهي اسان وڃڻ نه ڏينداسين، اسان جو پاڻي روڪيو ويو آهي. ڊرائيور: سائين سڀ مسافر پريشان ٿيندا. ڳوٺاڻا: هيٺ لهو چانهه پياريون ٿا. ماني کارايون ٿا، هڪ ڏينهن، پنج ڏينهن 10 ڏينهن اسان وٽ رهو. توهان جو خيال رکنداسين. باقي رستو بند آهي رستو نه کولينداسين.