بدين (نمائندن وٽان) بدين ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج، ڪڍڻ ۾ احتجاجي ريلي، بدين ۾ 30 مئي تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان. آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي واھن ۽ شاخن ۾ چئن مهينن کان جاري پاڻي بحران ۽ سم نالين جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي گذريل ڏينهن شاهنواز سيال، علي حيدر پنهور، آبادگار اڳواڻن محمد اسلم جمالي گل محمد گرگيز، ممتاز علي جت، ممتاز ملاح ۽ ڪفايت سنڌيءَ جي اڳواڻي ۾ علي بندر چوڪ کان مين اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريليءَ ۾ آبادگارن، واپارين ۽ عام ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ سبب بدين- ڏيپلو روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ھڪ سازش تحت پاڻيءَ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. سالن کان سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ سبب هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته پوڇڙ تائين پاڻي پهچائي زرخيز زمينون بنجر ٿيڻ کان بچايون وڃن. ٻئي پاسي لاڙ بچايو آبادگار ايسوسيئيشن جي گذريل ڏينهن ٿيل گڏجاڻي ۾ 30 مئي تي بدين ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ عبدالواحد چانڊيو، لکي جمالي، عبدالله چانڊيو، رياض ڀٽي، غلام قادر اعواڻ، نواز جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آبادگارن جو چوڻ هو ته بدين ضلعي ۾ گذريل 5 سالن کان پاڻيءَ جي هٿرداو کوٽ سبب 3 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين بنجر بنجي وئي آهي. سامونڊي پٽيءَ ۾ ماڻهو توڙي چوپايو مال اڃ مري رهيوآهي، علائقن مان ماڻهو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبورآهن. ان موقعي تي هنن اعلان ڪيو ته ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف 30 مئي تي قطر مسجد کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ ڌرڻو مسئلي جي حل تائين جاري رهندو.