پاڻيپٽ جي جنگ کٽي آيا آهيو ڇا؟

0
46
ڀُنگ جي رقم بجيٽ ۾ ڇو نه رکجي؟!...

عوام سنڌ خلاف فيصلن جي ڀلي کڻي ڪيتري به مزاحمت ڪري، پر منتظمين اقتدار جي “هُش ۾ خوش” هوندا آهن. اها ڳالهه ڪنهن هڪ دور جي ناهي پر اهو هر دور جو سچ آهي. اسان وٽ عوامي اجتماعي مفادن جي پاسداري ٿئي ته به مينڊيٽ جو حق ادا ٿي وڃي. هن وقت سنڌ ۾ تڪراري ڪئنالن واري مسئلي تي احتجاج جاري آهي. وفاق سي سي آءِ جي گڏجاڻي گهرائڻ لاءِ تيار نه هو ۽ عوامي احتجاج جي دٻاءَ کان پوءِ وزير اعظم پ پ سان ڳالهين لاءِ مجبور ته ٿيو، پر صرف سي سي آءِ جي گڏجاڻي گهرائڻ جي حد تائين. ڪئنال رٿا کي ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي رد ڪرڻ جي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. اهو منصوبو وفاق جو هو ۽ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي ان رٿا کي رد ڪرڻ ممڪن هو. سکر واري جلسي ۾ پ پ چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، پ پ ۽ نواز ليگ جو لکت ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي ته، سي سي آءِ ۾ ڪئنالن جي معاملي تي جيستائين اتفاق راءِ نه ٿيندو، ڪئنال نه ٺاهيا ويندا. پر سوال اهو آهي ته نواز ليگ کانپوءِ ڪا ٻي سياسي ڌر اقتدار ۾ اچي ٿي ته ڇا اها پ پ – نواز ليگ معاهدي جي پاسداري ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندي؟

هن ملڪ جي اصل ‘مجيرين’ ملڪ کي تجربيگاهه بڻائي ڇڏيو آهي، جتي روز نت نوان نوان تجربا ٿي رهيا آهن. هاڻي ته اقتدار فارم – 47 تي منتقل ٿيڻ جي شعبديبازي پڻ ايجاد ٿيڻ جا الزام لڳي رهيا آهن. اسان ڪٿي پهچايا ويا آهيون؟ “جيئان لوڪ لڄ ٿئي” اهو اسان جو مَرڪ بڻجي ويو آهي. ڇا جي جمهوريت ۽ ڇا جا جمهوري قدر؟ جمهوريت جو سلو ته سرجڻ ئي نٿو ڏنو وڃي. هتي اليڪشن ۽ عوامي مينڊيٽ ته هاٿيءَ جا اهي ڏند آهن، جيڪي صرف ڏيکارڻ لاءِ هوندا آهن. هتي فيصلا ڏاڍ مڙسيءَ تي ٿيندا رهيا آهن. اڌ ملڪ وڃائڻ کانپوءِ به هتي جا اصل اقتدار ڌڻي ڪجهه سکڻ لاءِ تيار نه آهن. ننڍن صوبن جي وسيلن تي ڌاڙا، پاڻيءَ تي ڌاڙيوالي جاري آهي. هر دور ۾ هر آمر سان ويڙهه ڪندڙ ۽ آڻ نه مڃيندڙ سنڌ هن ڀيري به ڪئنالن واري معاملي تي پاڻ ملهايو آهي (هتي سنڌ جو مطلب سنڌ جو عوام آهي، نه ڪي سنڌ جا حڪمران). سنڌ پنهنجي احتجاج ذريعي ڪئنالن خلاف ريفرنڊم جهڙو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي، پر حڪمران ان کي سنجيده وٺڻ لاءِ تيار نه آهن. پ پ جي حالت اها آهي ته اڃا سي سي آءِ ۾ فيصلو ٿيو ئي نه آهي ته اڳ ۾ ئي فتح جا جشن پيا ملهائجن. سي سي آءِ جو جيڪو سٽاءُ آهي، ۽ فيصلا اڪثريت راءِ سان ٿيڻا آهن، ان مان به آئيني طرح سنڌ کي ڇا ملڻو آهي؟ هن وقت کڻي سي سي آءِ مان ڪئنالن وارو فيصلو موخر ٿي وڃي، پر اها تلوار ته لٽڪندي رهندي. پ پ چيئرمين موجب، مسلم ليگ (ن) سان معاهدو ٿي ويو آهي، پر ٻنهي سياسي پارٽين جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جي ڪا آئيني حيثيت ته ناهي. هن وقت نواز ليگ اقتدار ۾ آهي، ۽ فرض ڪريو ته سڀاڻي ڪا ٻي سياسي ڌر اقتدار ۾ اچي ٿي ته ڇا اها ڌر پ پ ۽ نواز ليگ جي ان معاهدي جي پاسداري ڪرڻ لاءِ ٻڌل ته نه هوندي! پ پ جيڪا نواز ليگ سان وفاق ۾ اقتدار ۾ ڀائيوار آهي ۽ اها اهي دانهون ڪندي رهي ٿي ته اقتداري شراڪتداريءَ واري فارمولي تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، اها پ پ ڪئنالن واري معاملي تي مسلم ليگ (ن) جي ڪيئن ٿي ضمانت ڏيئي سگهي!

اسان سمجهون ٿا ته وفاق ڪئنالن واري معاملي کي اينگهائي رهيو آهي. وقفي وقفي سان ڪئنالن واري ٻلي ڳوٿريءَ مان نڪري اچڻي آهي. ڪئنالن واري معاملي جو حل ايگزيڪيوٽو آرڊر جي ذريعي انهن رٿائڻ کي دفن ڪرڻ آهي. پر وري سنڌ جي حڪمران جماعت ان پيش رفت تي به جشن پئي ملهائي. ڇا جو جشن؟ پاڻيپٽ جي جنگ کٽي آيا آهيو ڇا؟ ان ڪري سي سي آءِ مان معاملو موخر ٿيڻ سان ڪئنالن واري راڪاس رٿا مان جان ناهي ڇُٽڻي، ڀلي سي سي آءِ مان به فيصلو اچي، پر ان مسئلي جو جٽادار حل تڪراري ڪئنالن جي رٿا کي ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي رد ڪرائڻ آهي.