پاڻيءَ واري جنگ ايٽمي جنگ کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇو ته اها سڌي ريت عوام جي زندگين تي حملو ڪندي آهي، درياهن تي قبضي، پاڻي جي کوٽ يا وري اضافي پاڻي ڇڏڻ واري صورت ۾ اها جنگ هاڻ کان ئي شروع ٿي وئي آهي، ايشيا ۾ خاص ڪري چين، هندستان ۽ پاڪستان ۾ اها “لائيف لائين” هاڻ ڪٽجي رهي آهي، ان جي شروعات هندستان جهلم درياهه ۾ اوچتو پاڻي ڇڏي پاڪستان کي ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انڊيا پاڻي دهشتگردي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو نه صرف سرحدن پر پاڻيءَ جهڙي انساني حق تي به ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهي ٿو. هن وقت ايشيا ۾ پاڻي جنگ جا طبل وڄڻ شروع ٿي ويا آهن. چين انڊيا سان (برهم پترا درياهه)، هندستان پاڪستان سان (سنڌ طاس معاهدي) ۽ وري چين جي ڊيمن سان ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا ۾ (ميڪونگ درياهه) تي اڻ اعلانيل جنگ شروع ٿي وئي آهي. ڀارت 2017 ۾ ان جي شروعات ڪئي هئي. 2020 ۾ گالوان وادي ۾ چين- انڊيا اڻ اعلانيل جنگ شروع ٿي هئي. چين انڊيا جو پاڻي روڪي ٿو ته وري ڀارت جواب ۾ اتحادي هجڻ ڪري پاڪستان جو پاڻي روڪي ان کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. هاڻ 2025 کان 2030 تائين برهم پترا (برهما پتر) ۽ سنڌو درياهه جي رستي روڪ تي شروع ٿيل نئين جنگ سرحدي جنگ ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي. ڀارت ۽ چين دنيا جا سڀ کان وڏا آبادي وارا ملڪ آهن. عالمي برادري به انهن جي جهيڙن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هاڻ اسان انهن جي جهيڙي جو سراسري جائزو پيش ڪنداسين.
برهم پترا سڀ کان پهرين چين مان تبت جي علائقي مان نڪرندو آهي، جتي ان کي “يرلنگ زانگبو” (Yarlung Tsangpo) چيو ويندو آهي. وري اهو اوڀر کان ٿيندو هماليا جي پهاڙن جي هيٺان گذرندي اوچتو ڏکڻ طرف مڙي ڀوٽان کان ٿيندو انڊيا جي صوبي اروناچل پرديش ۾ داخل ٿيندو آهي. انڊيا ۾ ان کي “سيانگ” يا وري برهم پترا سڏيو ويندو آهي. اتان آسام صوبي مان ٿيندو هي بنگلاديش ۾ داخل ٿيندو آهي، جتي ان کي ” جمونا“ سڏيو ويندو آهي. بنگلاديش مان ٿي وري ڀارت جي گنگا ۾ هليو ويندو آهي، جتي انهن جو گڏيل وهڪرو ٿيندو آهي، جنهن کي “پدما” سڏيو ويندو آهي. آخرڪار اهي درياهه بنگال جي ڌٻڻ واري علائقي (سندربن) مان ٿي بنگال جي کاڙي Bay of Bengal ۾ وڃي ڇوڙ ڪندا آهن. پر اهي درياهه سڌي ريت پاڪستان ۾ ناهن ايندا. پاڪستان ۾ بنيادي طرح جيڪي وڏا درياهه ايندا آهن، اهي هماليا ۽ قراقرم جي برفاني پهاڙن مان ٿي ايندا آهن، جنهن ۾ سنڌو درياهه، جهلم، چناب، راوي، ستلج، اهي 5 ئي درياهه “پنجاب” جو مطلب به ڪڍندا آهن، ( پنج- آب) برهما پتر چين مان ٿي انڊيا مان گذري بنگلاديش مان ٿي سڌو سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو آهي. چين ان برهما پتر تي ڪيترائي ڊيم ٺاهي ڇڏيا آهن. ڀارت به ڪيترائي بجلي گهر ۽ ڊيم ٺاهيا آهن. پر منڍ جو آبادگار هجڻ ڪري چين ڀارت کي اک ڏيکارڻ لاءِ ان جو پاڻي روڪي ڇڏيندو آهي، يا وري بنا اطلاع جي ڇوڙ ڪري ڀارتي رياستن کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي، ان ڪري ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ جاري رهندي آهي. ان درياهه جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي سياست لاهن چاڙهن جو شڪار ٿيندي آهي.
چيني سرحدن مان پاڪستان ايندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو درياهه “سنڌو” آهي، جيڪو تبت (چين) جي علائقي “سنڪيانگ” گليشيئر (مانسرور ڍنڍ) مان نڪري چين جي رستي وري ٿورو انڊيا جي لداخ مان ٿي گلگت بلتستان ۾ اچي داخل ٿيندو آهي. ستلج درياهه چيني تبت مان “رڪشاستال” ڍنڍ مان چين کان ٿي انڊيا جي هماچل پرديش ۽ پنجاب مان ٿي وري پاڪستان جي قصور ضلعي ۾ داخل ٿيندو آهي. جتان وري اهو بياس ۽ چناب درياهه ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. درياهه جهلم، انڊيا جي ڪشمير جي وري ناگ چشمي مان ٿي آزاد ڪشمير مان ٿيندو پنجاب ۾ داخل ٿيندو آهي. درياهه راوي انڊيا جي هماچل پرديش مان ٿي لاهور ڀرسان گذرندو آهي. ياد رهي ته انهن مان صرف “سنڌو درياهه” چين مان نڪرندو آهي، باقي 4 درياهه انڊيا مان ٿي پاڪستان ۾ ايندا آهن ۽ وري اهي سنڌو ۾ شامل ٿي ويندا آهن.
بنگلاديش آبي قدرتي آفتن جي ڪري هميشه متاثر ٿيندو رهيو آهي. جيڪي به چين ۽ انڊيا جي جهيڙي جي ڪري ئي اينديون آهن، بنگلاديش ۾ اڪثر پاڻي برهما پتر کان وڌيڪ گنگا جمنا مان ايندو آهي. اهي درياهه بنگلاديش لاءِ “لائيف لائين” به آهن. ان جي سموري زراعت جو دارومدار به انهن درياهن جي پاڻي تي هوندو آهي. ماهيگيري به ان تي هلندي آهي. ٻوڏ واري موسم ۾ انهن جي جهيڙي جي ڪري بنگالين جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي. اڪثر ڪري انڊيا بنگالين جو پاڻي روڪي ڇڏيندو آهي، يا وري بنا اطلاع جي ڇوڙ ڪري ڇڏيندو آهي. ڀارت گنگا تي وڏا ڊيم ٺاهي ورتا آهن ۽ چين وري بنگالين کي نوان ڊيم ٺاهي پيو ڏي، جنهن تي انڊيا سخت ڪاوڙيل آهي. هن وقت گنگا ۽ ميگهنا جي ماحولياتي نظام ۾ به تبديليون اچي رهيون آهن، جنهن سان حياتيات جي تباهي ۽ مٽيءَ جي زرخيزي ۾ ڪمي ٿي رهي آهي.
نيپال ۾ به سڄو پاڻي انهن ٻنهي ملڪن مان ئي ايندو آهي. نيپال جي ڪوهه هماليا جي برفاني پهاڙن جو پاڻي ڀارت جي گنگا- برهم پترا بيسن ۾ شامل ٿيندو آهي، جيڪڏهن چين ۽ انڊيا پنهنجي ڊيمن کي ڀرڻ لاءِ پاڻي ذخيرو ڪن ٿا ته ان سان نيپال جي زرعي پيداوار سخت متاثر ٿيندي آهي. انهن ٻنهي ملڪن جي جهيڙي سان سارڪ جا ملڪ، پاڪستان، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا، مالديپ، ڀوٽان ۽ افغانستان سخت متاثر ٿي رهيا آهن، پاڻي جي ان جهيڙي جي ڪري سارڪ ڪافي ڪمزور ٿي وئي آهي، ڀوٽان به انهن درياهن تي انحصار ڪندو، آهي ۽ پاڻي جي کوٽ جي ڪري ان جي معيشت کي به ڪاپاري ڌڪ لڳندو رهيو آهي، مالديپ جيتوڻيڪ اڪثر ڪري سامونڊي علائقائي ٻيٽن تي مشتمل آهن، پر انهن کي انڊيا ۽ چين جي درياهن مان مٺو پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي.
هندستان ۽ چين ۾ برهما پتر تي جنگ تيز ٿي وئي آهي. چين ان درياهه تي ڪيترائي ڊيم تعمير ڪيا آهن، ان ڪري انڊيا کي خوف آهي ته اڳتي هلي چين اسان جو پاڻي روڪيندو، ٻئي طرف وري هو پاڪستان سان به جهيڙو جوٽيو ويٺو آهي. سنڌ طاس معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني پاڻين تي مسلسل ڊيم ۽ بجلي گهر تعمير ڪري پاڪستان جو پاڻي روڪيو ويٺو آهي. هاڻ جيڪڏهن چين مٿان کان پاڻي روڪي ته انڊيا کي نقصان ۽ وري انڊيا انتقامي ڪارروائي ۾ وري پاڪستان جو پاڻي روڪي ته پاڪستان جي تباهي ٿيندي. ان سان سنڌ جيڪا پڇڙ ۾ آهي، ان جي وڏي تباهي ٿيندي آهي. هاڻ انڊيا پاڪستان جو پاڻي روڪيو، وري بنا اطلاع جي ڇوڙ ڪيو آهي، اهو پاڪستان لاءِ تمام وڏو سفارتي هٿيار آهي، جيڪڏهن پاڪستان عالمي عدالت ۾ وڃي ته چين ۽ بنگلاديش به سندس حمايتي ٿي سگهن ٿا. ان سان انڊيا کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. درياهن جي فطري وهڪري کي روڪڻ سان ماحولياتي نظام به خراب ٿي رهيو آهي. خاص طور تي مڇيون، جانور، وڻ، ٻوٽا ۽ زمين سخت متاثر ٿي رهيا آهن.
پوري دنيا ۾ ڊيم ٺاهڻ جو جنون سڀ کان وڌيڪ چين کي آهي، جتي 1949ع ۾ انقلاب وقت صرف 8 وڏا ڊيم هئا، جيڪي 40 سالن کانپوءِ وڌي 19000 تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته آمريڪا ۾ جتي تقريبن 5500 وڏا ڊيم موجود آهن، ان بعد سوويت يونين (اڳوڻو) 3000، جاپان 2228 ۽ هندستان وٽ 1137 ڊيم موجود آهن. هن وقت موسمياتي تبديليون تيزي سان وڌي رهيون آهن، برفاني پهاڙ پهرين جيان گهٽ پيا پگهرجن، جنهن سان ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ان ڪري چين ۽ انڊيا جا ڊيم به نه پيا ڀرجن، جنهن ڪري هو ٻين ملڪن جي پاڻي کي روڪي پنهنجي ڊيمن ۾ ڀري رهيا آهن، سنڌ طاس معاهدي تي انڊيا ڊيم نه ٿو ٺاهي سگهي پر پاڪستان کي تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺاهڻ جي اجازت مليل آهي، جڏهن ته انڊيا بنا اجازت ڪشن گنگا ۽ رتلي ڊيم ٺاهي پاڪستان جو پاڻي چوري کڻي رهيو آهي، جنهن سان سرحدي تڪرار وڌي رهيا آهن. جئين نيل ندي تي مصر ۽ ايٿوپيا ۽ سوڊان وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي، اهڙي نموني ڏکڻ ايشيا ۾ به هن وقت سرد جنگ جاري آهي، جيڪا سرحدي جنگ ڏانهن به وڌي سگهي ٿي. ان ڪري نيپال، بنگلاديش ۽ افغانستان کي هنگامي بنيادن تي ان معاملي کي عالمي فورمن تي کڻڻ گهرجي. پر پاڻي جو اهو مسئلو مستقبل ۾ به هڪ وڏي جنگ يا بحران جو سبب بڻجي سگهجي ٿو، جنهن جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.