پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سنڌ جي زراعت

0
88
پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سنڌ جي زراعت

 ڪجهه ڏينهن پهرين حيدرآباد ۾ هڪ سيمينار ۾ شرڪت جو موقعو مليو. سيمينار جو موضوع هو، “سنڌو بچايو – سنڌ بچايو”. سيمينار ۾ مختلف مقررن مرڪزي حڪومت طرفان ارسا ائڪٽ ترميمي بل ۽ مرڪز طرفان اعلانيل ڇهن اهم واهن، خاص طور چولستان واهه ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ٺهڻ ڪري سنڌ جي زراعت تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو. هڪ مقرر چيو ته، هن وقت سنڌ ۾ فِي  ماڻهو، پاڻيءَ جي موجودگي هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽر آهي ۽ سنڌ جي آدمشماري پنج ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. 2050ع تائين اها آدمشماري وڌي ڏهه ڪروڙ ٿي ويندي ۽ جيئن ته پاڻي وسيلا ساڳيا هئڻ ڪري فِي ماڻهو پاڻي موجودگي گهٽجي پنج سئو ڪيوبڪ ميٽر ٿي ويندي. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي معيشيت تباهه ٿي ويندي ۽ سنڌ ۾ ڏُڪار جو خطرو وڌي ويندو.

                 اچو ته انهيءَ تي سوچيون ته ڇا پاڻي گهٽ هجڻ ڪري ملڪي معيشيت تباهه ٿي ويندي ۽ ملڪ ۾ ڏُڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻه سوال اهم آهن:

  1. ڇا دنيا ۾ ٻيا ڪي اهڙا ملڪ موجود آهن، جن وٽ پاڻي پاڪستان جي مقابلي ۾ گهٽ آهي؟
  2. ڇا دنيا ۾ ڪي اهڙا ملڪ آهن، جن وٽ گهٽ پاڻي هئڻ باوجود انهن جو زرعي روانگي واپار پاڪستان کان وڌيڪ آهي.

دنيا ۾ وچ اوڀر، اتر ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن ۾ في ڪس پاڻي موجودگي پاڪستان جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. ان جي باوجود انهن جو زرعي روانگي واپار اسان کان وڌيڪ آهي. مثلن، اردن ۾ في ڪس پاڻي اسانجي مقابلي ۾ ستوڻ تي گهٽ آهي. اهڙي طرح ٻيا ملڪ جن ۾ لبنان، بحرين، قبرص، ڪويت، اومان ۽ قطر اهڙا ملڪ آهن. جن وٽ پاڻي اسانجي مقابلي ۾ گهٽ آهي.

اسرائيل وٽ ته پاڻي اسانجي مقابلي ۾ پنج سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر هو دنيا جي مضبوط معيشتن واري ملڪن ۾ شامل آهي. وچ اوڀر جي ملڪن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هنن وٽ پيٽرول هئڻ ڪري اهي مضبوط معيشت جا مالڪ آهن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته، هنن جو زرعي روانگي واپار اسانجي مقابلي ۾ وڌيڪ جو آهي. اچو ته ان تي غور ڪريون.

اسان وٽ زراعت لاءِ جيڪو آبپاشي نظام آهي، اهو دنيا جو پراڻي ۾ پراڻو نظام آهي. انهيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته، ڏهه هزار سال پهرين ميسوپوٽيما ۾ رائج هو. ست هزار سال پهرين فرعون اهو نظام مصر ۾ رائج ڪيو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور کان اڳ ۾ درياهه مان واهه ڪڍڻ جو ڪو رواج ڪونه ٿو ملي. ان وقت درياهه جي اٿل تي زمينون آباد ڪيون وينديون هيون. ڪلهوڙن ۽ پوءِ ٽالپرن درياهه مان واهه ڪڍي ان تي آباديءَ جو رواج وڌو. انگريزن جي اچڻ وقت هڪ اندازي مطابق، سنڌ ۾ 729 واهه موجود هئا. انگريزن انهن واهن مان ڪجهه کي سڌاري، ڪجهه نوان واهه ڪڍي، ان تي بئراج سسٽم رائج ڪيو. جيڪو ان وقت نئون ۽ سڌريل سسٽم هو. انگريزن جي برصغير مان وڃڻ کان پوءِ اسان ان ۾ ڪنهن به تبديليءَ کانسواءِ ساڳيو رواج برقرار رکيو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان سرشستي جا منفي پهلو سامهون اچڻ لڳا، جن ۾ واهن مان پاڻي ٻاڦ بنجي هوا ۾ شامل ٿيڻ ۽ سيمو ڪري زمين ۾ داخل ٿيڻ شامل آهي. انهيءَ هيٺ هڪ اندازي مطابق چاليهه سيڪڙو پاڻي ضايع ٿئي ٿو. ٻئي طرف وري سم ۽ ڪلر جو آزار وڌڻ لڳو. حڪومت وقت انهيءَ آزار جو ڪو سائنسي بنيادن تي حل ڳولڻ جي بجاءِ ڪوٽڙي بئراج جي ايراضي ۾ کليل سم نالين جو ڄار وڇايو. انهن سم نالين جو مجموعي ڇوڙ وري سمنڊ ۾ ڪيو ويو. سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي ڪري فائدي جي بجاءِ نقصان ٿين لڳو، جو سمنڊ انهن سم نالين جي ذريعي اڳتي وڌندو ٿو اچي. انهيءَ ڪري سجاول، بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي جون زمينون سمنڊ جي پاڻي جي اثر هيٺ اچي غيرآباد ٿي ويون آهن. سکر بئراج ۽ گڊو بئراج جي ايراضي ۾ جتي جتي ممڪن آهي، اتي کليل سم نالين جو رواج آهي، پر گهڻو ڪري علائقي ۾ ٽيوب ويلن وسيلي سم ۽ ڪلر تي ضابطي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو تجربو به ناڪام ويو آهي. ڇاڪاڻ جو وقت گذرڻ سان اڪثر ٽيوب ويل خراب ۽ بند پيا آهن ۽ اتي سم ۽ ڪلر جو آزار وڌندو ٿو وڃي.

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته درياهن ۾ پاڻيءَ جو ذريعو جبلن تي ڳرندڙ برف ۽ برسات جو پاڻي آهي. سنڌو درياهه ۽ ان جون پرتون نديون هندوڪش، ڪوراڪرم، هماليه جبل جي سلسلي مان ايندڙ پاڻيءَ تي دارومدار رکن ٿيون. انهيءَ جابلو سلسلي مان دُنيا جي مختلف ملڪن، جن ۾ چين، هندوستان، پاڪستان، بنگلاديش برما، ڀوٽان جون نديون پڻ شروع ٿين ٿيون. دُنيا ۾ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري جابلو سلسلي ۾ گليشيئر تيزيءَ سان ڳرڻ شروع ٿيا آهن. ٻئي طرف گرم پد وڌڻ ڪري گذريل سياري ۾ 21 ڊسمبر 2023ع کان 29 جنوري 2024ع تائين سڄي ڪشمير ۽ هندوڪش جابلو سلسلي ۾ نئين برف نه ڄمي. حقيقت ۾ جيئن سيارو ختم ٿيندو آهي ته نئين ڄميل برف ڳرڻ شروع ٿيندي آھي، جيئن گرمي پد وڌندو آهي ته گليشيئر پڻ ڳرڻ شروع ٿيندا آهن. ائين جون، جولاءِ ۾ برساتون وسڻ ڪري پاڻي ايندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن وڏين برساتن جي ڪري درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي.ماحولياتي تبديلين جي ڪري گليشيئرن جي تيزيءَ سان ڳرڻ جي ڪري دنيا پريشان آهي. تازو آذربائيجان ۾ باڪو ۾ ٿيل COP29 جي گڏجاڻيءَ جي موقعي تي هندوڪش جابلو سلسلي سان تعلق رکندڙ ملڪن جي ماحولياتي وزيرن جي گليشيئرن جي حوالي سان الڳ گڏجاڻي ٿي، انهيءَ ۾ گليشيئرن کي تيزيءَ سان ڳرڻ کان بچائڻ لاءِ اپائن تي غور ڪيو ويو.

جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته، درياهن ۾ پاڻيءَ جو هڪ ذريعو برساتون پڻ آهن. برساتن جو سلسلو وري ائين آهي جو سمنڊ ۾ گرمي پد وڌڻ ڪرڻ پاڻي بخار جي صورت ۾ مدار ۾ داخل ٿي ڪڪرن جي صورت اختيار ڪري ٿو. اونهاري ۾ اسان وٽ هوائون گهڻو ڪري ڏکڻ کان اتر طرف هلنديون آهن. انهيءَ ڪري ڪڪر اُتر طرف هوا سان گڏ هلندي هماليه جبل تائين اچن ٿا. هماليه جبل جي اوچائيءَ جي ڪري ڪڪر ان جي ٻئي پاسي نٿا وڃي سگهن، ائين جبل سان ٽڪرائجڻ ڪري ڪڪرن ۾ جيڪا گهم (نمي) هوندي آهي، اها برساتي صورت ۾ وسندي آهي. جيئن ته اسان وٽ هڪ طرف سمنڊ ۽ ٻئي طرف هماليه جبل موجود آهي، انهيءَ ڪري برساتي پاڻيءَ جي اڻاٺ جو ڪو خطرو نه آهي. البته دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ ڪري اسان جي گليشيئرز تي اثر پئجي سگهي ٿو.

گليشيئر جي ڪري گهٽ ايندڙ پاڻيءَ کي ڇا اسان مُنهن نٿا ڏئي سگهون؟ جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهيءَ صورت حال ۾ ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي چيزن جي ضرورت مطابق انتظام ڪري سگهون ٿا. اها حقيقت آهي ته، اسان پاڻيءَ مان گهٽ ۾ گهٽ فائدو حاصل ڪندڙ دنيا جي ملڪن ۾ شامل آهيون. انهيءَ ڪري اسان کي پاڻيءَ مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءُ هينئر کان ئي هنگامي بنيادن تي شروع ڪرڻ کپن. اسان کي دنيا جي اهڙن ملڪن، جن جي زرعي پيداوار اسان جي مقابلي ۾ گهٽ پاڻي هئڻ باوجود وڌيڪ آهي، انهن مان پرائڻ کپي. پنهنجا ماهر اُتان جي سرشستي جو جائزو وٺڻ لاءِ موڪلڻ کپن ۽ انهن جي سفارشن تي ملڪ ۾ عمل ڪيو وڃي.منهنجي نظر ۾ هن مسئلي جا ٻه حل آهن. هڪ فوري طور تي حل ۽ ٻيو ڊگهي مدي وارو حل. فوري طور تي مسئلي جو حل اهو آھي جو اسان وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ٻج پيدا ڪريون يا ٻاهران گُهرايون. زمينن ۾ پاڻي نقصان گهٽائڻ لاءِ ليزر ليول ڪرايون. پاڻيءَ جي غير ضروري استعمال کان پرهيز ڪريون. صوبن جي وچ ۾ ۽ صوبن جي اندر 1991ع واري پاڻي ٺاھ تي عمل ڪندي پاڻيءَ جي منصفانه ورڇ کي يقيني بنايون.

ڊگهي مدي واري حل لاءِ اسان کي پنهنجي آبپاشي نظام ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. هن وقت سائنس ايتري ترقي ڪري وئي آهي، جو دنيا مصنوعي ذهانت جي دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، ان وقت اسان ڏهه هزار سال پراڻي آبپاشي نظام کي چُھٽا پيا آهيون.حڪومت پاڪستان 2018ع ۾ جاري ڪيل قومي پاڻي پاليسيءَ جي فقري 10.2 ۾ اهو واضح ڄاڻايو آهي ته، موجوده آبپاشي نظام تي جيترو جلد ٿي سگهيو، بندش وڌي ويندي. ايترو عرصو گذرڻ باوجود ان پاليسيءَ تي عمل شروع ئي نه ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ اسان جو موجوده آبپاشي نظام ايترو وڏو ۽ پيچيده آهي جو ان ۾ تبديلي بيٺي پير ناممڪن آهي. انهيءَ سرشستي کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪجھ وقت لڳي وڃي، پر ان جي شروعات هاڻي کان ڪرڻ گُهرجي. جيئن ته هاءِ ايفيشينسي اريگيشن سسٽم دنيا ۾ اڳ ئي رائج آهي، انهيءَ ڪري اسان کي ڪو به نئون تجربو يا ان ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار ايجاد نه ڪرڻا پوندا. صرف دُنيا ۾ رائج سرشستي مان فائدو وٺڻ جي ڳالهه آهي.

انٽرنيشنل ڪميشن فار اريگيشن ۽ ڊرينيج جي 23-2022ع جي رپورٽ مطابق، پاڪستان ۾ هاءِ ايفيشينسي اريگيشن سسٽم تحت آباد ٿيندڙ زمين نه هئڻ برابر آهي. انهيءَ جديد طريقي هيٺ هندستان پنهنجي ملڪي زرعي زمين جو 22.57 سيڪڙو آباد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ترڪي 38 سيڪڙو، ايران 24 سيڪڙو ۽ چين 13.7 سيڪڙو آباد ڪري رهيا آهن. انهيءَ ڪري اسان کي به انهيءَ جديد طريقن يعني اسپزنڪلز ۽ ڊرپ طرف وڃڻ گهرجي. انهيءَ طريقي استعمال ڪرڻ سان ٻه فائدا آهن. هڪ ته اسان جيتري پاڻيءَ سان هينئر زمين آباد ڪريون ٿا، ان جي ڏهين پتيءَ جي برابر جديد طريقي ۾ پاڻي استعمال ٿيندو. انهيءَ بچايل پاڻيءَ مان اسان وڌيڪ غيرآباد زمين آباد ڪري سگهون ٿا ۽ پاڻي بچڻ جي صورت ۾ اهو پاڻي درياهه ۾ پڻ ڇڏي سگهون ٿا. درياهه ۾ واڌو پاڻي وڃڻ سان درياهه جي ايڪالاجي ۽ ماحوليات سڌرندي ۽ انڊس ڊيلٽا کي پڻ فائدو ٿيندو. مثال طور، اسان روهڙي ڪئنال، جيڪو ويھ هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي ٿو، ان تي اهو آزمائشي طور منصوبو شروع ڪريون ته چاليھ سيڪڙو ضايع ٿيندڙ پاڻي يعني اٺ هزار ڪيوسڪ پاڻي بچي پوندو. باقي ٻارنهن هزار مان اڌ پاڻيءَ مان اسان سڄو سسٽم هلائي سگھون ٿا. اهو ساڳيو سلسلو ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۾ پڻ شروع ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن اسان هينئر کان ئي ان تي عمل شروع ڪريون ته اسان 2050ع ۾ ايندڙ آفت کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.