ڳڙھي ياسين(ن پ ا) سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا، سنڌ جو عوام ساٿ ڏي 23 فيبروري تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، سنڌ جو امن ھٿ سان تباھه ڪيو ويو آھي، جنھن جا زميوار چونڊيل نمائنده آھن، اهڙو اظهار جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڳڙھي ياسين ۾ مرحوم عابد علي شيخ ۽ ذوالفقار علي ڏھر جي وارثن سان تعزيت ڪندي ڪيو، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب ھميشه سنڌ جي پاڻي سميت ٻين وسيلن تي قابض رھيو آھي، جيڪو سنڌ جو عوام ڪڏھن به برداشت نه ڪندو سنڌ اندر امن امان کي خراب ڪندڙ سنڌ ۾ قبائلي تڪرار ڪرائڻ ۾ اڻ سڌي طرح تڪ جا چونڊيل نمائنده ملوث آھن.