پاڻيءَ تي نئين جنگ ڏانهن وڌندڙ مودي سرڪار جا قدم

0
55
پاڻيءَ تي نئين جنگ ڏانهن وڌندڙ مودي سرڪار جا قدم

هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ نئين سنگين موڙ تي پهچي وئي آهي. انڊيا سالن کان تڪرار جي شڪار سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ سان گڏ پاڪستان سان سفارتي لاڳاپا به ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ والاريل ڪشمير ۾ هندستان جي 8 لک فوج آهي، اتي 26 سياحن جي قتل کانپوءِ” دي ڪشمير ريزسٽنس” نالي تنظيم ذميواري قبول ڪندي ڀارتي فوج سان سڌي مقابلي جو اعلان ڪيو آهي. اتي مودي سرڪار ان للڪار کي ڇڏي پاڪستان مٿان الزام هڻي ان سان سڌي جنگ جون تياريون شروع ڪيون آهن. ان ڪري اها صورتحال نه صرف ٻنهي ملڪن پر پوري خطي، عالمي سطح ۽ پاڻي وسيلن جي ورڇ تي به سنجيده سوال اٿاري رهي آهي. ڀارتي حڪومت کي ملڪ اندر به ڪا پذيرائي ناهي ملي، مخالف ڌر جي ڪانگريس پارٽي سميت سموري مخالف ڌر توڙي بي جي پي جي اتحادي پارٽين به مودي تي الزام مڙهيو آهي ته پاڻي جنگ ۾ به بند ناهي ڪيو ويندو، پر مودي پنهنجي ناڪامي جو ذميدار پاڪستان کي قرار ڏئي ان سان سڌي جنگ جون تياريون ڪري رهيو آهي، جنهن کي ٻئي ملڪ برداشت نه ٿا ڪري سگهن. عالمي مبصرن جو ان نئين صورتحال تي خيال آهي ته ڀارت جي اعلان سان صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آهي. اندروني دٻاءَ، ۽ رياستي چونڊن جي ڪري مودي حڪومت جا رويا سخت ٿي ويا آهن. ڪشمير ۾ 8 لک فوج هجڻ ڪري ڀارت خطي ۾ جنگي ماحول پيدا ڪري رهيو آهي، اهو ڪو قومي مسئلو نه پر مودي جي مهم جوئي آهي. پاڪستان جي صورتحال به ڪا گهڻي بهتر ناهي، سنڌ ۾ پاڻي چوري تي سخت احتجاج هلي رهيو آهي ۽ ڀارت وري رهيل پاڻي روڪڻ جي ڳالهه پيو ڪري. ان سان صورتحال ويتر سنگين ٿي ويندي.

هندستان پاڪستان سان 1960ع ۾ ٿيل سنڌ طاس معاهدو ختم ڪري واهگه بارڊر بند، سفارتي عملو محدود ڪرڻ سميت سمورن پاڪستانين کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پهلگام حملي ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا، ان معاملي تي وزير اعظم نريندر مودي پنهنجي گهر تي ڪابينا جي سيڪيورٽي ڪاميٽي جي اهم اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ پاڪستان سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه رکيو ويندو. ان حملي بعد وزير اعظم مودي سعودي عرب جو دورو مختصر ڪري واپس دهلي پهتو ۽ سمورين پارٽين جو هنگامي اجلاس به طلب ڪيو آهي. هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مسري چيو ته پاڪستانين کي هاڻ سارڪ جي ويزا تي سفر ڪرڻ جي به اجازت نه هوندي، جيڪي پاسپورٽ تي آيل آهن، انهن کي 48 ڪلاڪن ۾ ڀارت ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نئين دهلي واري پاڪستاني سفارتخاني ۾ موجود ڊفينس، ملٽري، نيوي ۽ هوائي فوج جي صلاحڪارن کي اڻ وڻندڙ شخص قرار ڏئي کين هڪ هفتي ۾ ڀارت ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. انڊيا اسلام آباد ۾ انڊين هاءِ ڪميشن مان ڊفينس، ملٽري، نيوي ۽ فضائيه جي ايڊوائزرس کي به واپس گهرائي رهيو آهي. ٻنهي هاءِ ڪميشنز ۾ انهن عهدن کي ختم تصور ڪيو ويو آهي. انهن جا صرف 5 ماڻهو هتي  ڪم ڪندا. پهرين مئي کان عملي جو انگ 55 مان گهٽائي 30 ڪيو پيو وڃي.

گڏيل هندستان جي ورهاڱي کان وٺي ٻنهي ملڪن ۾ پاڻي تي جهيڙو هلندڙ آهي. هلندڙ سال فيبروري ۾ قومي اسيمبلي ۾ آبي وسيلن واري وزير مصدق مسعود ملڪ انڪشاف ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل ٻن سالن کان سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان اهم هائيڊروجيڪل ڊيٽا ۽ پاڻي صورتحال جي حوالي سان معلومات جي ڪا مٽا سٽا ناهي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻن سالن کان ڪو اجلاس ئي ناهي ٿيو. ڀارت عالمي بينڪ کي ان معاهدي ۾ ترميمن جي درخواست ڏني هئي، جنهن کي پاڪستان رد ڪيو هو. 1947ع تي جڏهن هندستان جي ورهاست ٿي ته ان وقت پنجاب جا سمورا درياهه انڊيا مان ٿي پاڪستان ايندا هئا. جنهن تي تڪرار ٿي پيو ۽ آخرڪار 1960ع ۾ ڪراچي ۾ ايوب خان ۽ جواهر لعل نهرو وچ ۾ عالمي بينڪ جي ٽياڪڙي ۾ سنڌ طاس معاهدو ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي طاس جي درياهن کي انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ورهايو ويو. 3 مشرقي درياهه (راوي، بياس ۽ ستلج) ڀارت ۽ 3 مغربي درياهه (سنڌو، جهلم ۽ چناب) پاڪستان کي مليا. ان تي انڊيا جو اعتراض اهو آهي ته ان معاهدي جو 80 سيڪڙو ڪنٽرول پاڪستان وٽ آهي ۽ هو اسان جو پاڻي به روڪي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۾ اهي درياهه بند ناهن ٿيندا پر ڀارت سڄو سال اسان جي حصي وارن درياهن مان به پاڻي کڻي رهيو آهي. ان ٺاهه تحت پاڪستان ايندڙ درياهن تي ڀارت بجلي ته پيدا ڪري سگهي ٿو پر ان کي ڊيمن ۾ روڪي پيئڻ لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهي.

پاڪستان ڀارتي اعلان بعد قومي سلامتي جي اجلاس ۾ ڀارت لاءِ فضائي حدون، سرحدون بند ڪرڻ، هر قسم جو واپار بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انڊيا جي وزير اعلى عمر عبدالله به نئين صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي. ڀارتي مخالف ڌر ڪانگريس پارٽي موجب، ڪشمير حملي جي ذميدار مودي سرڪار آهي، 8 لک فوج هجڻ باوجود هو امن بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. تامل ناڊو جي وزير اعلى ايم ڪي اسٽالن ان حملي ۽ فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. چين، روس، ايران ٻنهي ملڪن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ٽرمپ لکيو آهي ته، “ڪشمير مان انتهائي پريشان ڪندڙ خبرون ملي رهيون آهن، آمريڪا مضبوطي سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هندستان سان گڏ بيٺو آهي”.

پهلگام حملي جي ذميواري قبوليندڙ تنظيم “دي ڪشمير ريزسٽنس“ تي انڊيا جنوري 2023 تي غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ واري ايڪٽ 1967ع تحت دهشتگرد قرار ڏئي پابندي هڻي ڇڏي هئي. والاريل ڪشمير ۾ هڪ وڏي عرصي بعد ٿيل هٿياربند ڪارروائي جي ذميداري ان تنظيم قبول ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت اسان جي خطي ۾ 85 هزار کان وڌيڪ ٻاهر جي ماڻهن کي آباد ڪري رهي آهي، انهن کي ڪشمير جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل جاري ڪري خطي ۾ آبادياتي تبديلي آڻي اسان ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهي آهي. ٽي آر ايف جو چوڻ آهي ته اهي غير مقامي ماڻهو سياح بڻجي پهرين هتي اچن ٿا، پوءِ اسان جي زمين جا مالڪ بڻجي ويهي ٿا رهن. ان ڪري انهن تشدد جائز آهي. اها اسان جي وجود جي ويڙهه آهي.

انڊين ميڊيا جو چوڻ آهي ته اها تنظيم آگسٽ 2019 ۾ ڪشمير جي خاص حيثيت واري آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ قائم ٿي. اهو حملو 2019 ۾ پلواما بم حملي کانپوءِ ان علائقي ۾ ٿيل سڀ کان وڏو حملو آهي. ٽي آر ايف جي پهرين اپريل 2020 ۾ ڪپواڙه جي ڪيرن سيڪٽر ۾ لائن آف ڪنٽرول تي انڊين فورسز سان 4 ڏينهن واري ڇتي ويڙهه سان شروعات ٿي. انهن ڪيترن ڀارتي سياستدانن تي به حملا ڪيا آهن. سفارتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ سالن کان ڪي به رابطا ۽ ڳالهيون ناهن، ها جيڪڏهن انڊيا جنگ يا حملي طرف وڃي ٿو ته پوءِ معاملو سنجيده ٿي سگهي ٿو. پر پاڻي وارو سنڌ طاس معاهدو ماضي ۾ جنگين ۾ به جاري ساري رهيو آهي، پر انڊيا معاملي کي هاڻ سنگين صورتحال ڏانهن کڻي وڃي رهيو آهي. اڳوڻي سفارتڪار عبدالباسط جو چوڻ آهي ته هن وقت پاڪستان ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا دوستاڻا ٿي ويا آهن، انڊيا ڪٽجي ويو آهي، بنگلاديش ۽ چين پاڪستان جي ويجهو آهن. انڊيا ٽرمپ جي ويجهو آهي، ڀارت پاڪستان سان گڏ بنگلاديش سان به پاڻي معاهدي تي وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته چين نيپال ۾ نوان ڊيم ٺاهي رهيو آهي، جنهن سان ڀارت ۾ پاڻي صورتحال انتهائي خراب ٿي سگهي ٿي. انهن ٽنهي ملڪن جو ٽڪنڊو انڊيا کي نه ٿو وڻي، ان ڪري هن ڪشمير جو بهانو ڪري پاڪستان سان سڌي ويڙهه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ هندستان جو مضبوط جاسوس نيٽ ورڪ آهي، ايڏي وڏي نيٽ ورڪ باوجود هڪ حملي کي نه روڪي سگهڻ سمجهه کان ٻاهر آهي يا وري مودي سرڪار پاڻ ان ۾ خوش آهي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڪشمير تي مڪمل ڪنٽرول ۽ پاڪستان سان ويڙهه کي شروع ڪري ڪجهه لڪل معاملا درست ڪري سگهجن.

عالمي ميڊيا تي اھڙيون خبرون اچن پيون تہ ڀارت، پاڪستان تي دھشت گردن تي حملي جي آڙ ۾ محدود حملو ڪري سگهي ٿو. پر ھن وقت وڏو مسئلو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاق سان آهي، جيڪي پنهنجي ملڪ جي عوام سان جھيڙو جوٽيو بيٺا آهن. پاڪستاني حڪومت کي نوان ڪينال ۽ گرين انيشيٽو جي نالي ۾ صوبن جي زمينن واري قبضي وارن فيصلن کي فوري طرح ختم ڪرڻ گهرجي، حقيقي سياسي ۽ جمھوري آزاديون بحال ڪرڻ گھرجن ۽ بلوچستان جي مسئلي جو سياسي حل ڪڍيو وڃي. تڏهن پاڪستان وڃي ڀارتي فيصلن خلاف قدم کڻي سگهندو. خاص طرح سنڌ طاس معاھدو ته آھي ئي پڇڙي واري ملڪ جو پاڻي تي حق، جڏهن پنجاب ۽ وفاق  سنڌ جي پاڻي تي اکيون پوري قبضو ڪن ٿا، تڏهن سندن اخلاقي برتري ختم ٿيو وڃي.