اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ ( پي ڊي ايم ) پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊن جي بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ نوَ رڪني لارجر بئنچ ۾ شامل جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي تي اعتراض واريندي فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ نوَ رڪني لارجر بئنچ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. لارجر بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن. سُپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل روسٽرم تي اچي چيو ته ته سُپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڪاپي ناهي ملي، سمورين ڌرين کي نوٽيس ناهن ملي سگهيا. ان تي چيف جسٽس چيو ته اڄ ٻڌڻي جو مقصد سمورين لاڳاپيل ڌرين کي پاڻمرادي نوٽيس بابت اطلاع ڏيڻ هو، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ سمورا ايڊووڪيٽ جنرلز عدالت ۾ موجود آهن. ٻڌڻي دوران پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي تي اعتراض واريندي کين بئنچ کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته هڪ اجنبي جي چوڻ تي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙڻ جا ڪهڙا سبب آهن. سندس چوڻ هو ته ڇا اهو ممڪن آهي ته توهان اسيمبليون ٽوڙيو ۽ پوءِ وري چئو ته 90 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائي وڃي. فاروق ايڇ نائڪ جو چوڻ هو ته سياسي بحران پيدا ڪرڻ لاءِ اسيمبليون ٽوڙيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي تي به سوال اٿندا، سمورين ڳالهين جو فيصلو ٿيڻ گهرجي. فاروق ايڇ نائڪ جو چوڻ هو ته ججن سان ڪائي ذاتي رنجش نه آهي، جيڪي هدايتون مليون اُهي سامهون رکي رهيون آهيان، هدايتون آهن ته جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي بئنچ کان ڌار ٿي وڃن. فاروق ايڇ نائيڪ جي اعتراض تي چيف جسٽس چيو ته ججن جي معاملي تي سومر جي ڏينهن ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ اوهان جو موقف ٻڌو ويندو. فاروق ايڇ نائيڪ پي ڊي ايم جماعتن جو گڏيل تحريري ۾ بيان عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو ته جنهن ۾ چيو ويو ته جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس اعجاز الاحسن پهريان ئي غلام محمد ڊوگر ڪيس ۾ ان معاملي کي ٻڌي چڪا آهن، تنهنڪري گذارش آهي ته ٻئي جج پاڻ کي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس کان الڳ ڪن. پي ڊي ايم جي گڏيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيئر ٽرائل جي حق تحت جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر کي بئنچ کان ڌار ٿيڻ گهرجي، ٻنهي ججن جي چوڻ تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو ڄاڻايل جَجَ بئنچ کان الڳ ٿي وڃن، ان سان گڏوگڏ ٻئي جج ن ليگ ۽ جي  يو آءِ جي ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪن. فاروق ايڇ نائيڪ غلام محمد ڊوگر ڪيس ۾ ٻنهي ججن جو فيصلو به پڙهي ٻڌايو جڏهن ته جسٽس جمال جو گذريل ڏينهن وارو نوٽ پڻ پڙهيو. پ پ جي وڪيل چيو ته ٻنهي جَجَن پاڻمرادي نوٽيس لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻيو، جسٽس مندوخيل جي نوٽ کانپوءِ جسٽس اعجاز ۽ جسٽس مظاهر پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪري ڇڏين، ڊوگر جي سروس ميٽر ۾ اهڙو فيصلو ڏيڻ تي ڳڻتي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته مسٽر نائيڪ اوهان کي نٿو لڳي ته هي عام ماڻهوءَ جي مفاد جو معاملو فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي؟ ان تي فاروق ايڇ نائيڪ چونڊن ۾ دير جي پاڻمرادي نوٽيس فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي ۽ چيو ته چونڊن جو معاملو عوامي آهي، ان تي فل ڪورٽ ئي جُڙڻ گهرجي. فاروق ايڇ نائيڪ جي موقف تي چيف جسٽس چيو ته 16 فيبروري تي فيصلو آيو ۽ 22 هين فيبروري تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو چيف جسٽس کي اختيار حاصل آهي، آرٽيڪل 3/184 سان اسپيڪرز جون درخواستون به اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر آهن. چيف جسٽس چيوته عدالت اسپيڪرز جي درخواست ۾ اُٿاريل قانوني سوال به ڏسي رهي آهي، اڄ پاڪستان جي آئين اسان جي دروازو کڙڪايو آهي تنهنڪري پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي معاملن کي پارليامنٽ ۾ حل ٿيڻ کپي، پنهنجي پارٽين کي چئو ته هي معاملو عدالت ڇو ٻڌي؟ . فاوق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالت آبزرويشنز نوٽ ڪري ورتي آهي، پنهنجي پارٽي کان ان معاملي تي هدايت وٺندس. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد وڌيڪ ٻڌڻي سومر صبح يارنهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي