ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي جي آجيان ڪندي انهي کي امن جي فتح ۽ خطي ۾ استحڪام جي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف هڪ اهم قدم آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ جو موقعو پيدا ڪري ٿو. وڏي وزير پاڪستان جي هٿيار بند فوج خاص طور تي پاڪستان فضائيه جي قومي سلامتي جي تحفظ ۾ ڪردار جي پڻ واکاڻ ڪئي. هن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پڻ انهي ڪاميابي ۾ مبارڪباد ڏني. هن دوست ملڪن خاص طور تي آمريڪا جو به ٿور مڃيو شڪريو، جن جنگبندي لاءِ سفارتي سطح تي مدد ڪئي، هن  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو امن لاءِ ورتل ڪوششن کي ساراهيو.