راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جو ايران جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پنهنجي سرڪاري دوري دوران ايران جي عسڪري قيادت سميت مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن ۾ گڏيل سهڪار، امن امان جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن جي عسڪري قاددت دهشتگردي جي خاتمي جو عظم ورجايو. سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت ڳالهيون ٿيون. ۽ ان ڏس ۾ اثرائتي سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن جي عسڪري قيادت ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي. ان کي گڏيل سهڪار سان منهن ڏيڻ گھرجي.