بيجنگ(م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان چيني ڪميونسٽ پارٽي جي وزير لِيو جيان چائو وفد سميت ملاقات ڪئي. بيجنگ ۾ ٿيل ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي وزير لِيو جيان چائو سياسي پارٽين جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. چيني وزير سان ملاقات ۾ اسحاق ڊار پاڪستان جي خودمختياري ۽ بنيادي مفادن تي چين جي حمايت کي ساراهيو. ان موقعي تي لِيو جيان چائو چيو ته چين پاڪستان جو آئرن ڀاءُ آهي ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي ترجيح ڏئي ٿو.