پاڪ-چين دوستيءَ ۾ مونجهارا ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي ناڪامي!

0
34
پاڪ-چين دوستيءَ ۾ مونجهارا ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي ناڪامي!

 ڪڏهن ڪڏهن انسان کي تيز هلڻ سان يا ڏاڪڻ چڙهڻ سان ٻانهن ۾ سُور پوندو آهي، اها ننڍڙي تڪليف وڏي دِل جي دوري جي نشاندهي ڪندي آهي، ساڳيءَ ريت اخبارن ۾ ڇپيل ننڍيون خبرون وڏين اهم تبديلين جي ڄاڻ ڏينديون آهن. اخبار ۾ ڇپيل اها خبر ته، پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرى پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير، جيانگ زيڊونگ جي تنقيدي تقرير تي سخت پريشانيءَ جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان جي هماليا جبل کان مٿي ۽ سمنڊن کان گهري دوستي خطري ۾ اچي وئي آهي. چيني سفير جي تقرير، جنهن تي پرڏيهي وزارت پريشان آهي، اها اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني طرفان چين جي ڪميونسٽ راڄ قائم ٿيڻ واري 75 سالن واري تقريب ۾ ڪئي وئي. اهو پهريون دفعو هو ته هڪ عوامي پروگرام ۾ چين جو سفير اهو سڌن اکرن ۾ چئي ته، ‘چيني شهرين تي حملا برداشت ڪرڻ ممڪن ڪونهي’. هن پاڪستان حڪومت تي زور ڀريو ته، چيني شهرين بابت حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي ۽ پاڪستان ۾ موجود چين مخالف قوتن کي چِيڀاٽيو وڃي. هن چين ۾ ٿيل وزير اعظم شهباز شريف سان چيني صدر جي ملاقات جي ڳالهين جو ذڪر ڪندي چيو ته، ‘چيني شهرين جون زندگيون صدر شي لاءِ اهم آهن، اها ڳالهه پاڪستاني اڳواڻن کي چٽي طرح ٻڌائي وئي آهي’. هن اسلام آباد ۾ ٿيل شنگهائي تعاون واري سمٽ ۾ چين جي وزير اعظم لي ڪيوانگ واري شرڪت کي چيني ڪم ڪندڙن تي ٻن حملن جي ڪري ‘منفرد حالتن ۾ شرڪت’ سڏيو. چيني سفير ٻڌايو ته، اسان جو ملڪ تمام گهڻي اُميد ٿو رکي ته، چيني پورهيتن جي سيڪيورٽي کي پاڪستاني حڪومت ترجيح ڏيندي. هن زور ڏنو ته،  ‘محفوظ ۽ حفاظت واري ماحول کانسواءِ ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهبو’. چين جي سيڪيورٽيءَ وارن معاملن تي ناراضگيءَ سان گڏوگڏ پاڪستان پاران سي پيڪ منصوبي وارن چين جي پاور پلانٽ واري پرائيويٽ سيڙپڪاريءَ جي قرضن واري قسطن کي ملتوي ڪرڻ ۽ سندن بجليءَ جي اگهه کي گهٽائڻ واري پاڪستاني وزير اعظم جي درخواست بابت ناراضگي آهي. انهيءَ جي ڪري چيني صدر شي پاڪستاني وزير اعظم کي سڌي طرح چيو ته، اهو معاملو چيني پرائيويٽ ڪمپنين جو آهي، تنهنجي ڪري اوهان انهن سيڙپڪار ڪمپنين سان وڃي ڳالهايو. نواز شريف ۽ نون ليگ جي منظور نظر اسحاق ڊار کي جيڪا به وزارت ملندي آهي، هن جي ڪم ڪرڻ جو انداز ۽ بيان بازي ٺهيل ڪم به ڦٽائي ڇڏيندي آهي. پي ڊي ايم جي گذريل حڪومت سندس ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي هٽائي اسحاق ڊار کي وزارت ڏني، جنهن معيشت ۽ رپئي جي ساکَ جي تيزيءَ سان ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي، هاڻي کيس پرڏيهي وزارت ۽ ملڪ جي ڊپٽي پرائم منسٽر جي ذميواري مليل آهي، تڏهن کان پرڏيهي معاملا تيزيءَ سان خراب ٿيڻ شروع ٿيا آهن، جيتوڻيڪ ملڪ جي پرڏيهي، دفاعي ۽ هاڻي ناڻي وارين وزارتن جا فيصلا هائبرڊ نظام واري اسٽيبلشمينٽ ڪندي پر اهو داغ به اسحاق ڊار تي لڳندو. چين پاران جيڪي ڳالهيون پاڪستاني وزير اعظم ۽ ٻين سان بند ڪمرن وارين ميٽنگن ۾ ٿينديون هيون اهي هاڻي عوامي فورم تي ڪيو ويون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي اها پهرين وڏي ناڪامي نه آهي، پاڪستان ۾ ٿيل شنگهائي تعاون واري اجلاس کان پوءِ پاڪستان اهو سمجهيو هو ته، کيس روس ۾ تازو ٿيل برڪس واري سربراهه اجلاس ۾ بنا ميمبر ملڪ واري حيثيت ۾ شرڪت جي دعوت ملندي، پر اها دعوت نه ملي سگهي. پاڪستان گذريل سال نومبر ۾ برڪس جي ميمبرشپ لاءِ درخواست ڏني هئي. انهيءَ جي ڪري حڪمرانن کي اُميد هئي ته، کين روس جي شهر قازان ۾ ٿيل سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ملندي ۽ انهيءَ اجلاس ۾ سندن ميمبرشپ جي درخواست منظور ڪئي ويندي يا پاڪستان کي ميمبرشپ کان پهرين شراڪتدار ملڪ جي حيثيت ملندي. جڏهن ته قازان سمٽ ۾ چئن شراڪتدار ملڪن، ايران، ايٿوپيا، مصر ۽ گڏيل عرب امارتن کي ميمبرشپ ڏني وئي، جنهن جي ڪري برڪس جي پنجن بنيادي ملڪن برازيل، روس، چين، هندستان ۽ سائوٿ آفريڪا مان ميمبرن جو تعداد وڌي 9 ٿي ويو. انهيءَ کانسواءِ ترڪي، ويٽنام، ملائيشيا، ٿائلينڊ، الجزائر، بيلاروس، بوليويا، ڪيوبا، انڊونيشيا، قزاقستان، نائيجيريا، يوگينڊا، ازبڪستان ملائي 13 ملڪن جون درخواستون پارٽنر يا شراڪتدار ملڪ طور منظور ڪيون ويون. پاڪستان جي درخواست جو نه ڪنهن ذڪر ڪيو ۽ نه وري ڪو فيصلو ٿيو. اها 25 ڪروڙ غريب عوام واري شاهوڪار حڪمرانن سان وڏي ناانصافي ٿي آهي.

قازان سربراهه اجلاس دوران هندستان جي وزير اعظم نريندر مودي ۽ چيني صدر شي جي وچ ۾ ٻه طرفي ڳالهه ٻولهه به پاڪستان جي چين دوستيءَ واري پرڏيهي پاليسيءَ بابت وڏو چئلينج آهي. ممڪن آهي ته چيني سفير جي تنقيد به تبديل ٿيندڙ نئين جيو اسٽريٽجڪ حالتن جي نشاندهي ڪندي هجي. چين ۽ هندستان جي دشمني گهٽائڻ ۽ ٻنهي ملڪن کي پاڻ ۾ ڳالهين ڪرڻ تي راضي ڪرڻ ۾ روس جي صدر پيوٽن جو وڏو هٿ آهي. انهي ٻن طرفي ڳالهين ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ٻئي ملڪ پنهنجا تعلقات بهتر ڪندا  ۽ بارڊر جي مسئلي واري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ چين ۽ هندستان جون فوجون پوئتي هٽي وينديون ۽ بارڊر تي قائم پنهنجيون چوڪيون ڊاهي ڇڏينديون. ٻنهي ملڪن جون فوجون مختلف ڏينهن تي الڳ الڳ، اعتراض وارن علائقن جي پيٽرولنگ ڪنديون. ٻنهي ملڪن جون بارڊر واريون فوجون پاڻ ۾ رابطو رکنديون ته جيئن اختلافي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. انهيءَ ميٽنگ کان پوءِ فوري طرح انهيءَ تي عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جون فوجون طئي ٿيل علائقن تائين پوئتي هٽي چڪيون آهن. هندستان طرفان چيني شهرين جي ڪاروباري سرگرمين تان رڪاوٽون به گهٽايون ويون آهن. روس جي ڪوشش آهي ته، آمريڪا جو قائم ڪيل ايشيا پئسفڪ چئن ملڪن وارو چين مخالف اتحاد، جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، جاپان ۽ هندستان شامل آهن، انهيءَ کي ڪمزور ڪجي ۽ چين ۽ هندستان جا تعلقات بهتر ڪجن. لڳي ٿو ته، انهي سبب جي ڪري پاڪستان جي برڪس ۾ شامل ٿيڻ واري درخواست تي غور نه ڪيو ويو، ته جيئن برڪس ۾ پاڪستان جي موجودگي هندستان جي ناراضگيءَ جو سبب نه بڻجي.

گذريل 77 سالن ۾ پاڪستان جي حڪمرانن جي سياسي، معاشي ۽ پرڏيهي پاليسين، گڏيل پاڪستان کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو، هاڻي صورتحال اها آهي ته پاڪستاني حڪمرانن تي نه پنهنجي عوام کي اعتبار آهي نه وري دنيا جي ٻين ملڪن کي. روس ۽ چين، پاڪستان کي برڪس جي اتحاد لائق ڪونه ٿا سمجهن. آمريڪا جي 60 کان وڌيڪ ڪانگريس ميمبرن آمريڪي صدر جو بائڊن کي خط لکيو آهي ته، پاڪستان ۾ فيبروري واري اليڪشن ۾ وڏيون ڌانڌليون ڪيون ويون آهن، انهي سبب پاڪستان ۾ قائم حڪومت سياسي مخالفن کي چيڀاٽي پئي، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جو هي پهريون خط آهي، جنهن ۾ عمران خان ۽ ٻين سياسي قيدين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ آمريڪي حڪومت کي ضروري قدمن کڻڻ لاءِ چيو ويو آهي. انهيءَ جي موٽ ۾ پاڪستان جي 160 قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن، آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جي اٿاريل سوالن جي مخالفت ۾ پاڪستاني وزير اعظم شهباز شريف کي خط لکيو آهي ته، عمران خان ۽ پي ٽي آئي پاڪستان ۾ 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث آهي ۽ اهي سبب آمريڪي حڪومت کي ڄاڻايا وڃن. هاڻي دوبدو جو جهيڙو آهي، آمريڪي ڪانگريس جا 60 ميمبر ۽ پاڪستان جا 160 پارليامينٽرين. جيڪڏهن آمريڪا ۾ ٿيندڙ 5 نومبر واري اليڪشن ۾ ٽرمپ کٽي ٿو، ان جا پاڪستاني سياست تي ڪهڙا اثر پوندا؟ تنهن کان اڳ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪي تعلقاتن ۾ ڇڪتاڻ جون نشانيون ڏسڻ ۾ اچن پيون.

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ناڪامي، بنيادي طرح هن ملڪ جي اندروني تضادن سبب آهي. پاڪستان جي 2018ع واري اليڪشن ۽ 2024ع واري اليڪشن ۾ نئون سياسي هائبرڊ نظام لاڳو ڪري ملڪ اندر جمهوري ۽ انساني آزادين کي چِيڀاٽيو ويو آهي، ملڪي معيشيت سخت ڪمزور آهي ۽ جيڪڏهن 2022ع ۾ آئي ايم ايف جو اسٽينڊ بائي قرض نه ملي ها ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري ها. آئي ايم ايف جي سخت شرطن معاشي طرح غريب عوام ۽ وچولي طبقي جي چيلهه چِٻي ڪري ڇڏي آهي. هاڻي جڏهن اسان جا حڪمران چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارت ۽ ٻين مڊل ايسٽ جي ملڪن کان قرض گُهرڻ يا قرض ملتوي ڪرائڻ وڃن ٿا ته انهن ملڪن جي حڪومتن کي اسان جي حڪمرانن جي عياشين، ڪرپشن ۽ سندن ملڪيتن جي خبر آهي. کين خبر آهي ته پاڪستان جا حڪمران زڪوات به کائي ويندا. اهڙي ملڪ سان ڪير برابري جي بنياد تي تعلقات رکندو. ٻاهرين ملڪن جي خيرات ۽ قرض تي هلندڙ ملڪ جا حڪمران، جيڪي ڊاڙون هڻن پيا، انهن جي پٺيان ڪاريءَ وارا ڪَکَ آهن. خبر نه آهي ته ڇو دبئي ۾ پاڪستاني صدر آصف زرداري جو پير فريڪچر ٿي پيو آهي ۽ هاڻي هُو 4 هفتا آرام ڪندو. ڇا پريزيڊنٽ هائوس ۾ ڪم جو پريشر ۽ ٽينشن وڌي ويو آهي يا چين جي صدر شي ۽ پاڪستاني صدر جي رکيل ميٽنگ کي ملتوي ڪرائڻو آهي؟

هن وقت هڪڙي ڳالهه چِٽي آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهريان سيڙپڪار ڪونه پيا اچن ۽ پي آئي اي تي صرف هڪڙي پاڪستاني ريئل اسٽيٽ بلڊر 10 ارب رپين جي ٻولي لڳائي آهي، نه ترڪي جي ايئر لائين ۽ نه وري ڪنهن عرب ملڪ جي ايئر لائين پاڪستاني فضائي ڪمپنيءَ ۾ دلچسپي ورتي. چين جي سفير جي گفتگو، پاڪستاني حڪمرانن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي ۽ سي پيڪ فيز ٻئي ۾ چيني ڪمپنين جي پاڪستاني ڪمپنين سان شراڪتداريءَ جا امڪان هنن حالتن ۾ محدود ٿي ويا آهن. آمريڪا ۽ برطانيا ۾ عمران خان جي لابي مضبوط آهي ۽ لڳي ٿو ته کيس سندس اڳوڻي زال جمائما ۽ سالي سبب اسرائيلي لابي ۽ ٻين جي حمايت به حاصل آهي. نواز شريف جو آمريڪي اليڪشن وقت آمريڪا جو دورو هڪڙو وڏو سوال آهي. ڪافي شيون مهيني اڌ ۾ صاف ٿينديون ۽ خبر پوندي ته هن ملڪ ۾ اقتدار جو اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي!