پاڪ- ڀارٿ ڇڪتاڻ: باروڊ جي ڍير تي ويٺل ماڻهو

0
37
پاڪ- ڀارٿ ڇڪتاڻ: باروڊ جي ڍير تي ويٺل ماڻهو

 پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ جنگ جو معاملو ايترو آسان ناهي، جيترو سمجهيو پيو وڃي، پر هن ڀيري ٻنهي ملڪن خاص ڪري پاڪستان جا ماڻهو ان کي سنجيده نه پيا وٺن. ظاهري طور ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر مکيه ڪارڻ هتان جي ماڻهن جي معاشي حالت زار آهي. ماڻهو اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ٽڪنڊي ۾ اڳي ئي سوڙها لڳا پيا آهن. اهڙين حالتن ۾ جڏهن عام ماڻهو، گذريل ڪيترن ئي سالن کان سخت بدحاليءَ جو شڪار هجي ته ان کي جنگ جي ڪهڙي پرواهه؟ ان باوجود سمجهڻ گهرجي ته هي مامرو ايترو آسان ناهي جيترو نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته جنگيون، تهذيبن کي ڳڙڪائي، نسلن کي برباد ڪري ڇڏينديون آهن.

                 هن وقت تائين ميدان ِ حرب کان اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لفظن جي لڙائي شدت اختيار ڪندي پئي وڃي. پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اهو اعلان ته، “انڊيا، پاڪستان جو پاڻي بند ڪيو ته ان کي جنگ تصور ڪيو ويندو”. ان کان اڳ پهلگام حملي کانپوءِ هندستاني وزير اعظم نريندر مودي جو بيان ته “حملو ڪندڙن ۽ سازشين کي تصور کان به وڌيڪ سزا ملندي”. موٽ ۾ پاڪستاني وزير ِ دفاع خواجه آصف جو بيان، “پاڪستان پنهنجي هر شهريءَ جي موت جو بدلو وٺندو”. اهي سڀ ڳالهيون، ڳنڀير صورتحال کي جنم ڏين پيون. 22 اپريل تي هندستاني قبضي هيٺ آيل ڪشمير جي سياحتي مرڪز پهلگام ۾ حملي جي نتيجي ۾ 26 ماڻهن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جي شروعات ٿي. سرحد جي هڪ پاسي سرجيڪل اسٽرائيڪ ٻئي طرف سِرَ جو جواب پٿر سان ڏيڻ جي مسلسل عزم جي وچ ۾ جتي ڪافي سوالن جنم ورتو آهي. اتي هڪ اهم سوال جاءِ والاري ٿو ته ڇا ڇڪتاڻ جو خطرناڪ مرحلو گذري چڪو آهي؟ ان سوال جو جواب ته پڪ سان وقت ئي بهتر ريت ڏئي سگهي ٿو. پاڻ هتي فقط ايترو لکون ٿا ته ڀارتي جارحاڻي ۽ جنگي پاليسين ڪري ڪشمير مسئلو ڏينهن به ڏينهن پيچيدگيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي. عين ممڪن آهي ته ڪشمير مامري جي ڪري ئي ننڍو کنڊ ايٽمي جنگ جي لپيٽ ۾ اچي وڃي. ڇاڪاڻ ته ورهين کان مودي سرڪار جي اچڻ بعد هندستان جي عام ماڻهن ۾ به پاڪستان خلاف نفرتون پنهنجي انتها تي پهچي چڪيون آهن.

ڪاوڙ جي رويي لاءِ نفسيات جا ماهر سمجهن ٿا ته ڪاوڙ نه رڳو انفرادي پر اجتماعي پڻ ٿيندي آهي، جيڪو ان جو سڀ کان خطرناڪ پاسو ليکي سگهجي ٿو. نفسيات جي علم موجب ڪاوڙ، انساني دماغ جي لاشعوري حالت جو نالو آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ ئي هوش ايندو آهي! بدقسمتيءَ سان هندستان ۾ مودي سرڪار انهن پيچري تي هلي پئي، جنهن جو انجام ڀيانڪ تباهيءَ سواءِ ڪجهه به نه هوندو.

پهلگام حملي کانپوءِ ٻيهر شدت سان ڪَرُ کڻندڙ ڪشمير مسئلي کي سمجهڻ کان اڳ اسان کي تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائڻي پوندي. هندستان جي ورهاڱي يا پاڪستان جي قيام وقت ڪشمير جي حيثيت هڪ “پرنسلي اسٽيٽ” جي هئي. ان وقت جي ڊوگرا حاڪم راجا هري سنگهه پهريائين ته خودمختياريءَ يا آزاد رهڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر پوءِ جلد ئي جواهر لال نهروءَ جي اثر، جيڪو پڻ ڪشميري برهمڻ هو ۽ هُن جي ڪشمير ۾ سدائين غير معمولي دلچسپي رهي هئي، ڪري مشروط طور هندستان ۾ شموليت تي راضپو ظاهر ڪيو. ڪشمير جي ڀارت ۾ شموليت جو وڏو شرط ملڪ جي آئين ۾ آرٽيڪل 370 کي شامل ڪرڻ هو؛ جيڪو ان وقت جي ڀارتي اڳواڻن خوشيءَ سان قبول ڪيو.

آرٽيڪل 370 جا خاص نڪتا ڪهڙا هئا يا ان جون مکيه ڳالهيون ڪهڙيون هيون؟ جيڪڏهن پاڻ سادي ريت انهن کي سمجهڻ چاهيون ته معاملو ڪجهه هن ريت بيهي ٿو ته هن آرٽيڪل هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي خاص درجو ڏئي ڪافي اختيار سونپيا ويا هئا. ايتري تائين جو ڪشمير جي رياست کي پنهنجي رياستي آئين ساز اسمبلي ٺاهڻ جي اجازت پڻ ڏني ڏئي هئي. ڀارت جي آئين ۾ شامل 370 جو آرٽيڪل بنيادي طور ڪشمير ۽ هندستان وچ ۾ لاڳاپن کي واضح ڪرڻ لاءِ ئي شامل ڪيو ويو هو. ٻين لفظن ۾ هي آرٽيڪل ڪشمير کي خصوصي ۽ نيم خود مختيار رياست جي حيثيت ڏئي رهيو هو. بعد ۾ هندستان جي وزير اعظم جواهر لال نهروءَ ۽ ڄمون ڪشمير جي وزير اعلى شيخ عبدالله جي وچ ۾ مسلسل پنج مهينا مشاورت جاري رهي، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته هندستان جي آئين جون اهي شِقون، جيڪي ملڪ جي ٻين رياستن تي لاڳو ٿين ٿيون، انهن جو نفاذ ڪشمير تي نه ٿيندو؛ نه صرف اهو پر ڪشمير جي رياست کي الڳ آئين ٺاهڻ ۽ جدا جهنڊو رکڻ جو اختيار به حاصل هوندو. اهو پڻ ته هندستان جو صدر جيڪڏهن چاهي به ته ڪشمير جي آئين کي معطل نه ٿو ڪري سگهي.

ڀارتي آئين ۾ شامل 370 اهو آرٽيڪل هو، جنهن هيٺ بچاءُ، مواصلات ۽ پرڏيهي مامرن جي کاتن کان سواءِ مرڪزي سرڪار ڪنهن به کاتي ۾ رياستي حڪومت جي صلاح کان سواءِ مداخلت نه ڪري سگهندي هئي. هي اهو آرٽيڪل هو، جنهن ۾ لکيو ويو هو ته ڀارتي سرڪار چاهي ته سڄي ملڪ ۾ مالياتي ايمرجنسي لاڳو ڪري سگهي ٿي پر ان جو نفاذ ڪشمير جي رياست تي نه هوندو.

آرٽيڪل 370 ڪشمير جي خودمختياريءَ جو ڀرپور اظهار هو، جيڪو هاڻي ناهي رهيو. ساڳئي وقت خصوصي صدارتي حڪم سان هن آرٽيڪل سان شامل هڪ ٻيو آرٽيڪل 35 اي جو به خاتمو آندو ويو، جنهن مطابق رياست هي رهواسين کي خاص حق حاصل هئا. رياست اندر خريد و فروخت ڪرڻ جو انهن کي ئي اختيار حاصل هو. هاڻي هندستان جو ڪو به شهري رياست ۾ اچي منقوله توڻي غير منقوله ملڪيت خريد ڪري پنهنجي نالي تي داخل ڪرائي سگهي ٿو، نه صرف اهو پر هاڻي ڪشمير کان ٻاهريان آيل ماڻهو سرڪاري نوڪري حاصل ڪري سگهندا، ان سان گڏ هو رياست ۾ واپار ڪرڻ ۾ پڻ آزاد هوندا. ڪشمير ۾ واپار، کليل ريت سرمائيڪاري ڪرڻ هندستان جي واپارين جو مودي سرڪار کان پراڻي مطالبو هو. ان ڪري ئي بي.جي.پي ان کي پنهنجي چونڊ منشور ۾ پڻ شامل ڪيو هو. هاڻي جڏهن اهي ڪم ٿي ويا ته هندستان جي واپارين جا ڀاڳ جاڳي پيا آهن.

توڻي جو اهي قانون هندستان جي آئين ۾ مختلف آرٽيڪلس جي صورت ۾ شامل ڪيا ويا هئا، پر بنيادي طور اهي مهاراجا هَري سنگهه جي دؤر يعني 1927 کان 1932 تائين مرتب ڪيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪشميري ماڻهن کي اهو شدت سان احساس هو ته جيڪڏهن اهڙي قسم جا قانون نه ٺاهيا ويا ته هنن جي پنهنجي ئي رياست ۾ حيثيت پناهگير واري ٿي ويندي. بلڪل جئين فلسطين ۾ هن وقت مقامي فلسطينن جي حالت آهي. 370 ۽ 35 اي جا آرٽيڪل ڪشميرين جي خود مختياريءَ لاءِ ڍال جي شڪل ۾ هئا؛ جن کي پڻ مودي سرڪار هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ڪري چڪي آهي. نتيجي ۾ ان وقت کان پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪشمير معاملي تي ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي آهي. ڪجهه اهڙيون حالتون جن ۾ ڪشميري پڻ پاڻ کي بيوس محسوس ڪن پيا…. ۽ اسان کي اها خبر پڻ ته بيوسي هڪ حد تائين ته درست آهي، باقي اڳتي هلي اها ڪيتري قدر خطرناڪ ثابت ٿيندي، ان جو ادارڪ ڀارت کي بلڪل ئي ناهي. وقتي طور ته مودي سرڪار جي جيڪا اڳرائي ۽ ڪاوڙ نظر اچي ٿي، پر آخر ڪيترن ڏينهن تائين؟ ڇاڪاڻ ته ڪشميري ماڻهو اڳي ئي انڊيا سرڪار جي پاليسين کان ناراض رهندا آيا آهن.

انهن منظرن ۾ پاڪستان، ڪشميرين سان بيٺل نظر اچي ٿو. هتان جي ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ آهي، نه صرف هندستان مٿان پر پنهنجي سرڪار مٿان به دٻيل لفظن ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته اها زباني ڪلاميءَ کان سواءِ ڪشميرين جي ڪا به مدد نه پئي ڪري، ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ پاڪستان سرڪار جي مٿان عوامي دٻاءُ وڌندو ۽ جڏهن ڪنهن به رياست جا عام فرد اهڙي قسم جي سوچ اختيار ڪن ته جنگ ناگزير ٿي ويندي آهي. پوءِ اهي حساب ڪتاب ناهن رکبا ته ڪيترو فائدو ٿيندو يا ڪيترو نقصان پلئه پوندو. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ حالتون نسبتن پرسڪون آهن، پر ان جبل جيان جنهن جي مٿان ته ساوڪ هوندي آهي، پر اندر ۾ باهه جا الاءَ ٻيا ٻرندا آهن. ٻنهي ملڪن ۾ ڪشمير مسئلو، وڏي ڀنڀٽ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي ۽ ان جو مکيو ڪارڻ مودي سرڪار جي ظالماڻي پاليسي ئي آهي، جنهن ۾ هاڻي هن ڪشميرين کان ساهه کڻڻ جو اختيار به کسي ورتو آهي. اهڙين حالتن ۾ دنيا جي پر امن ماڻهن جو فقط هڪ ئي مطالبو آهي ته ڪشميرين کي جيئڻ ڏيو. ٻي صورت ۾ حالتون اهو رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون جتان واپسي ممڪن ناهي هوندي.

هن وقت تائين يعني 22 اپريل پهلگام حملي کانپوءِ هندستان طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ، واهگا، اٽاري سرحد بند ڪرڻ، ويزا سهولتون واپس وٺڻ ۽ سفارتي لاڳاپا محدود ڪرڻ جا قدم کنيا ويا آهن. جواب ۾ پاڪستان طرفان پڻ ڪجهه قدم کنيا ويا آهن. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ شمله معاهدي سميت سڀئي معاهده معطل ڪيا ويا آهن. هندستان کي چيو ويو آهي ته اهي پاڪستاني هوائي حدون استعمال نه ڪري. انهن سڀني ڳالهين جي وچ ۾ وري به اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ٻئي ملڪ عام ماڻهن جي حالتن کي ڏسي پوئتي ٿيندا يا هي خطو مسلسل باهه جي وَرِ چڙهي ويندو. اهڙي باهه جنهن ۾ پوءِ ڪجهه ناهي بچي سگهندو ۽ ها حقيقت ته ٻنهي ملڪن ۾ موجود  ايٽمي هٿيارن جي صورت اسان بارود جي اهڙي ڍير تي ويٺا آهيون، جتي هڪ چڻنگ سڀ ڪم تمام ڪري سگهي ٿي.