اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ 3 باقاعده جنگيون لڳي چڪيون جڏهن ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان بدترين ڇڪتاڻ برقرار رهي، ڪشمير جي تڪراري سرحد، لائن آف ڪنٽرول، تي وقفي وقفي سان بمباري ۽ فائرنگ ٿيندي رهي. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ شديد عسڪري ۽ سفارتي ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي مسلسل خطرو رهيو. رپورٽ موجب 1999 ۾ ڪارگل جي پهاڙن ۾ هڪ اڻ اعلانيه جنگ ڇڙي، پاڪستاني فوج هندستاني چوڪين تي قبضو ڪيو، شديد ويڙهه کانپوءِ هندستان پنهنجي پوزيشن ٻيهر حاصل ڪري ورتي. آمريڪا پاڪستان تي دٻاءَ وجهي معاملو ختم ڪرايو. ڊسمبر 2001 ۾ هندستاني پارليامينٽ تي حملو ٿيو، جنهن ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا، هندستان ان جو الزام لڳايو ته جيش محمد ۽ لشڪر طيبه حملو ڪرايو جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ لڳندي لڳندي نه لڳي سگهي. نومبر 2008 ۾ 10 حملي آورن ممبئي جي مختلف اهم هنڌن تي حملا ڪيا جن ۾ ٻه فائيو اسٽار هوٽل يهودي مرڪز ۽ ريلوي اسٽيشن شامل هئا. 166 ماڻهو مارجي ويا هئا، هندستان ان جو به پاڪستان تي الزام لڳائيندي سموريون ڳالهيون معطل ڪيو، جنوري 2016 ۾ پاڪستان جي سرحد ويجهو پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي فوجين جي لباس ۾ حملي آورن حملو ڪيو ٽينڪن ۽ هيليڪاپٽرن جي مدد سان هندستاني فوج 15 ڪلاڪن جي جهڙپ کانپوءِ ڪنٽرول سنڀاليو، 5 ئي حملي آور ۽ 2 اهلڪار ماريا ويا. ڀارت الزام وري پاڪستان تي هنيو جڏهن ته پاڪستان ان جي مذمت ڪئي هئي امن ڳالهيون هڪ دفعو ٻيهر تعطل جو شڪار رهيو. سيپٽمبر 2016 ۾ اوڙي سيڪٽر ۾ هندستاني فوجي اڏي تي حملي ۾ 18 فوجي مارجي ويا هندستان الزام پاڪستان مٿان لڳايو، فيبروري 2019 ۾ ڪشمير اندر هڪ خودڪش هملي ۾ 40 هندستاني فوجي مارجي ويا. هندستان جوابي ڪارروائي ڪندي پاڪستاني علائقي بالاڪوٽ ۾ هوائي حملي جي دعوي ڪندي پنهنجو هڪ جهاز ڪيرائي ويٺو. آگسٽ 2019 ۾ هندستان آئين جي شق 370 کي منسوخ ڪري ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي. پاڪستان سفارتي لاڳاپا گهٽ ڪندي ٻه طرف واپار معطل ڪيو. اپريل 2025 ۾ هڪ حملي ۾ ڀارتي ڪشمير ۾ 26 هندو سياح مارجي ويا، هندستان پاڪستان تي بهتان لڳايو. جڏهن ته پاڪستان ملوث هئڻ جي ترديد ڪندي غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هندستان 1960 وارو پاڻي معاهدو معطل ڪيو. جنهن جي جواب ۾ پاڪستان هندستان سان هر قسم جو واپار بند ڪيو. ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي هوائي ڪمپنين تي پنهنجون هوائي حدون بند ڪيون، هندستان ڪالهه هوائي ڪارروائي ڪئي نتيجي ۾ پنهنجا 5 جهاز، برگيڊ هيڊڪوارٽرز وڃائي ويٺو.