ڪراچي (م ڊ) آمريڪا، روس، چين ، برطانيا، گڏيل قومن ۽ ترڪي سميت سڄي دنيا پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ حملن تي ڳڻتي ۾ وٺجي ويا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته رابطا بحال ڪري جنگ کان پاسو ڪيو وڃي. برطانيا سميت ڪيترن ئي ملڪن پاران پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مدد جي آڇ ڪري ڇڏي. آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻنهي ملڪن کي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪندي پاڻ ۾ رابطا بحال رکڻ جو مشورو ڏنو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس پريس بريفنگ دوران چيو ته صورتحال سنجيده ۽ تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي، آمريڪا سمورن معاملن کي ويجهو کان ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏئي ٿو ته هو اهڙو حل ڳولڻ لاءِ ڪم ڪن جيڪو علائقي ۾ استحڪام آڻي. سندس چوڻ هو ته اسان ٻنهي ملڪن جي حڪومتن سان مختلف سطحن تي رابطي ۾ آهيون ۽ صورتحال کي پري کان نه پيا ڏسون ۽ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بابت ايندڙ رپورٽن تي گهري نظر آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان صدر ٽرمپ ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو طرفان پاڪستان ۽ ڀارت جي موجوده صورتحال تي ڏنل بيان جو حوالو ڏيندي پراميد نظر آئي،  برطانوي وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ خطي ۾ سنگين صورتحال جو ڪارڻ بڻجندي، ٻئي ملڪ صبر جو مظاهرو ڪندي سفارتي ذريعن سان سڌي ريت ڳالهيون ڪن، يُو اَي اِي جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران به ٻنهي ملڪن تي ڇڪتائڻ گهٽائڻ لاءِ زور، يُو اَي اِي چيو آهي ته اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي، جنهن سان علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ خطرا پيدا ٿين، چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان خلاف هندستاني فوجي ڪارروائي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته پاڪ هند ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، اهڙا قدم نه کنيا وڃن جنهن سان صورتحال وڌيڪ ڳنڀير بڻجي وڃي. اماراتي پرڏيهي وزير چيو آهي ته سفارتڪاري ۽ ڳالهيون ئي بحرانن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو موثر ذريعو آهي. خطي ۾ امن جي قيام لاءِ هر ڪوشش جي حمايت ڪئي ويندي. ترڪي جي پرڏيهي وزير حڪان فيدان پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هندستان جي جارحيت مذمت ڪندي چيو ته ترڪي هر موڙ تي پاڪستان سان گڏ آهي. ٻنهي ملڪن ۾ شديد جنگ جو خطرو وڌي ويو.  هوڏانهن قطر جو چوڻ آهي ته ٻئي ملڪ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي ذريعا استعمال ڪن، پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ رابطن جا چينل قائم رکن، روسي پرڏيهي وزيرپاڪ ڀارت ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. فرانسيسي پرڏيهي وزير باروٽ جو چوڻ هو ته ڇڪتاڻ کان بچڻ ۽ يقيني طور تي شهرين جي حفاظت لاءِ صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي. هوڏانهن آمريڪي صدر پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي ۾ مدد جي آڇ ڪري ڇڏي، ٽرمپ چيو آهي ته پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ تي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، اميد آهي ته ٻئي ملڪ تڪرار نه وڌائيندا، پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏجي ڪم ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي چڱي طرح ڄاڻان ٿو، ٻنهي سان منهنجي لڳندي آهي، منهنجي ضرورت پئي ته مان موجود آهيان، ٽرمپ چيو ته چاهيان ٿو ته ٻنهي ۾ معاملا بهتر ٿين، ٻنهي کي هاڻ رڪجڻ گهرجي. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جڏهن ته آءِ ايم ايف ترجمان چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جو پرامن حل چاهيون ٿا، ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ لاءِ پراميد آهيون، اسحاق ڊار سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سان رابطو ڪيو، صورتحال کان آگاهه ڪيو.