اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڊي جي ايم اوز ۾ ڳالهين جا ڪيئي دور ٿي چڪا آهن، 18مئي تي ٻيهر رابطو ٿيندو، هن چيو ته سيز فائر ٿي چڪو آهي، ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ شيڊول طئي آهي ۽ عمل جاري آهي.