لاهور (اسپورٽس نيوز)لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ۽ فخر زمان سميت ڪيترن ئي رانديگرن ڀارتي جارحيت تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو. قومي ٽيم جي فاسٽ بالر ۽ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي، جن دشمن خلاف وطن جو دفاع ڪيو. اهڙي طرح جارح مزاج اوپنر فخر زمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي، اسان هڪ قوم آهيون، اسٽار ڪرڪيٽرن کان علاوه عبدالله شفيق، زمان خان ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد حفيظ، ڪامران اڪمل ۽ عمر اڪمل پڻ ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج جي ڪارروائين جي تعريف ڪئي ۽ دشمن کي مناسب جواب ڏيڻ تي فخر جو اظهار ڪيو.