اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)سينٽرل ايشين والي بال چيمپئن شپ پاڪستان کان ازبڪستان منتقل ڪئي وئي آهي. ايونٽ کي پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ جي ڪري منتقل ڪيو ويو آهي. هي ايونٽ اڳ ۾ 29 مئي کان اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻو هو، پر هاڻي ساڳين تاريخن تي ازبڪستان ۾ منعقد ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري ٽيمون پاڪستان اچڻ کان لنوائي رهيون هيون. پاڪستان والي بال فيڊريشن ايونٽ جي پاڪستان کان منتقلي جي تصديق ڪئي. ايونٽ کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو تازو نيپال ۾ سينٽرل ايشين والي بال فيڊريشن جي هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو.