ڪراچي(م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اڄ پاڪستان جو دورو ڪندو، ايراني پرڏيهي وزير سينيئر پاڪستاني اختيارين سان علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي دوري تي ويندو، هلندڙ هفتي ڀارت جو به دورو ڪندو. پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ دوران ايراني وزير جي دوري کي اهم سمجهيو پيو وڃي.