لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني اولمپئن جيولين اڇلائيندڙ ارشد نديم ڀارت ۾ ٿيندڙ بنگلورو ڪلاسڪ جيولين اڇل مقابلي مان هٿ کڻي ويو آهي. هندستاني اولمپئن نيرج چوپڙا ارشد نديم کي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته 20 مئي تي ڀارت ۾ هڪ تقريب آهي، جڏهن ته ايشين چيمپيئن شپ لاءِ روانگي 22 مئي تي شيڊول آهي، تنهن ڪري بنگلورو ڪلاسڪ جيولين ٿرو ۾ شرڪت ڪرڻ ممڪن ناهي. ارشد نديم وڌيڪ چيو ته نيرج چوپڙا ياد ڪيو ۽ مون کي شرڪت جي دعوت ڏني، جنهن لاءِ مان شڪرگذار آهيان. نيرج چوپڙا ارشد نديم کي بنگلورو ڪلاس جيولين ٿرو چيمپئن شپ لاءِ دعوت ڏني هئي، جڏهن ته ڪوريا ۾ ايشين ايٿليٽڪس چيمپئن شپ 27 مئي تي شروع ٿيندي.