ممبئي(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سبب انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي مختلف فرنچائز ۾ شامل آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڀارت ڇڏڻ لاءِ اُڏامن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. آسٽريلوي ميڊيا موجب، 15 کان وڌيڪ آسٽريلوي ڪرڪيٽر انڊين پريميئر ليگ کيڏڻ لاءِ ڀارت ۾ موجود اهن، ڪينگرو ڪرڪيٽر اڄ يا سڀاڻي ڏيهه واپس ورڻ جا خواهشمند آهن، ڪجهه آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڇنڇر تي يعني اڄ پنهنجي وطن روانو ٿيندا. آسٽريلوي مڊيا جو چوڻ آهي ته ڌرمشالا ۾ ميچ ختم ٿيڻ کانپوءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽرن کي ڳڻتي ورائي وئي آهي، آءِ پي ايل ۾ 15 آسٽريلوي رانديگر شامل آهن. ان کانسواءِ رڪي پونٽنگ ۽ جسن لينگر آءِ پي ايل ۾ ڪوچنگ جون ذميواريون نڀائي رهيا آهن.