ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار فواد خان ۽ واني ڪپور جي فلم عبير گلال مشڪل ۾ پئجي وئي آهي، جنهن جا گانا پهلگام حملي کانپوءِ ڀارت ۾ سخت ردعمل سبب يوٽيوب تان هٽايا ويا آهن. فواد خان جي ڀارتي سئنيما ۾ واپسي جون اميدون ٽٽي ويون، سندس فلم عبير گلال رليز ٿيڻ کان ڪجهه هفتا اڳ هڪ وڏي تڪرار کي منهن ڏئي رهي آهي. عبير گلال جا 2 گانا خدايا عشق ۽ انگلش رنگ رسيا هاڻي يوٽيوب انڊيا تي موجود نه آهن، اهي گانا فلم جي پروڊڪشن هائوس اي رچر لينس انٽرٽينمينٽ جي آفيشل يوٽيوب چينل تي اپ لوڊ ڪيا ويا، پر هاڻ ڀارتي صارف انهن کي ڏسي نه سگهندا. واني ڪپور 22 اپريل تي پنهنجي انسٽاگرام تي فلم جي هڪ پروموشنل وڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هوءَ فواد خان سان گڏ نظر اچي رهي آهي، پر بعد ۾ ان وڊيو کي ڊيليٽ ڪري ڇڏيو، جنهن تي سوشل ميڊيا صارفين طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ هيش ٽيگس جهڙوڪ #BoycottVaaniKapoor ٽريڊ ٿيڻ لڳو. موجوده صورتحال ۾ فلم عبير گلال جي رليز تي اونداهي بادل ڇانئجڻ شروع ٿي ويا آهن، فلم جي رليز جي تاريخ 9 مئي 2025 مقرر ڪئي وئي هئي پر هاڻي ان جي رليز ٿيڻ ۾ شڪ پيدا ٿي ويا آهن.