پاڻي هڪ اهڙو قدرتي وسيلو آهي، جيڪو انسانيت جي بقا لاءِ ضروري آهي، پر ان جي ورڇ ۽ استعمال جي حوالي سان پوري دنيا ۾ جهيڙا به شدت اختيار ڪري ويا آهن، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا جهڙي خطي ۾ پاڻي وارا مسئلا سنگين ٿيندا پيا وڃن، جتي چين، انڊيا، بنگلاديش، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڻي جي ورهاست هڪ منجهيل مسئلو بڻجي ويو آهي. پاڪستان اندر به پاڻي جي ورهاست مناسب طريقي سان نه ٿيڻ ڪري سالن کان پنجاب خلاف تحريڪون اڄ تائين جاري آهن، سنڌ ۾ جر به کارو ٿي ويو آهي. آبپاشي لاءِ به پاڻي ناهي، پر پنجاب ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي. پاڻي واري معاملي تي چين، هندستان، پاڪستان، بنگلاديش سميت ڏکڻ ايشيا سان گڏ پوري دنيا جي پاڻي جهيڙن جو سراسري جائزو پيش ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته سنڌ جيان هندستان ۾ پاڻي خلاف جيڪا تحريڪ مودي سرڪار ڏهاڪو سالن کان دٻائيندو پيو اچي، ان ڪٿي دنگ ڪيو آهي ۽ عالمي سطح تي ڪهڙيون تحريڪون جنم وٺي رهيون آهن.
پاڻي جا مسئلا صرف هڪ ماحولياتي يا معاشي مسئلا ناهن پر اهي علائقائي سياست، بين الاقوامي لاڳاپن ۽ انساني حقن جي مسئلن سان جڙيل آهن، جيڪڏهن انهن مسئلن کي فوري طور حل نه ڪيو ويو ته پوءِ پاڻي وارا تڪرار عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهجن ٿا. پاڪستان ۽ هندستان ۾ پاڻي وارو شروع ٿيل اهو جهيڙو ڪو اڄوڪو ناهي، پر ان جي هڪ وسيع تاريخ آهي. سنڌ طاس معاهدي کي ساڍا ٽي ڏهاڪا گذري چڪا آهن، پر ان تي ٻنهي ملڪن ۾ بي اعتمادي ۽ لفظي جنگ جاري آهي، جڏهن ته ان جا اصل ڪارڻ ڪجهه عالمي سطح جا به آهن. جئين دنيا ۾ ٻين ملڪن ۾ پاڻي تڪرار هلندڙ آهن، جن کي ساک وارا عالمي ادارا به حل ناهن ڪرائي سگهيا، سڌي ۽ اڻسڌي ڊپلوميسي به ناڪام ٿي وئي آهي، اتي ڏکڻ ايشيا جا ملڪ به صدين کان پاڻي تي پيا وڙهندا اچن، ان ۾ هندستان ۽ چين جي جنگ جي هڪ وسيع تاريخ آهي، جنهن ۾ هاڻ شدت اچي وئي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان چين ۽ انڊيا ۾ پاڻي روڪڻ، نوان ڊيم ۽ درياهن جي پاڻي تي بجلي پلانٽ لڳائڻ تي سرد جنگ جاري آهي، ان ۾ بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا، ڀوٽان، تبت، پاڪستان ۽ سارڪ جا ٻيا ملڪ به شامل آهن.
چين، انڊيا، نيپال ۽ بنگلاديش جي پاڻي واري جنگ هلندي والاريل ڪشمير ۾ سانحو ٿي پيو، جنهن تي ڀارت پاڪستان سان ٻين معاهدن سان گڏ پاڻي جي رستي روڪ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙي اعلان بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. لائين آف ڪنٽرول تي ٻنهي ملڪن جي فوجن ۾ فائرنگ جي سلسلي جون خبرون به ميڊيا تي رپورٽ ٿي چڪيون آهن. سرحدن تي جنگي تياريون شروع ٿي ويون آهن، ٻنهي ملڪن هوائي سرحدون بند ڪري پاڻ کي ئي نقصان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف شروع ٿيل تحريڪ هاڻ عالمي سطح تي پهچي وئي آهي. پوري دنيا جي ميڊيا تي پنجاب جي ڏاڍائي تي سوال اٿڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪالاباغ ۽ ڀاشا ڊيم خلاف تحريڪ جيان هي هڪ نئون طوفان برپا ٿي ويو آهي. ان تحريڪ سان پاڪ- ڀارت پاڻي واري ڇڪتاڻ تي هندستان ۾ هارين جي پاڻي لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ به نئون روح پئجي ويو آهي. پنجاب، هريانا، راجسٿان سميت ٻين ڪيترين ئي رياستن ۾ سنڌ جيان انهن تحريڪن وري ڪر کڻڻ شروع ڪيا آهن، جنهن کي مودي سرڪار پهرين به طاقت ذريعي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ هاڻ پاڪستان، بنگلاديش ۽ چين سان شروع ڪيل پاڻي جنگ ۾ ٽرمپ جي چين سان شروع ڪيل واپاري جنگ جيان مودي به ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي.
ظاهري طور تي هن وقت پوري عالمي ميڊيا جي خبرن جو مرڪز پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ۽ پاڻي تڪرار آهي، پر سياست جي عالمي ماهرن جو خيال آهي ته اصل ۾ آمريڪا جي نئين قيادت پوري دنيا ۾ جهڙي نموني جنگي ماحول پيدا ڪيو آهي، ۽ جنهن سان پوري دنيا ٻئي مهاڀاري جنگ کانپوءِ مختلف بلاڪن ۾ ورهائجي وئي هئي، اهڙي نموني هن وقت به مڪمل ٽئين عالمي جنگ کان اڳ جيڪي بلاڪ ٺهڻ شروع ٿيا آهن، هي پاڻي وارا جهيڙا ان جي هڪ ڪڙي آهن. پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ تي آمريڪا حامي يورپي ملڪن انڊيا، جڏهن ته ليفٽ جي حامي ملڪن پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. پر اصل ۾ ٽارگيٽ وري به چين ۽ ان جو پاڻي آهي. جيڪڏهن پاڻي وارن معاملن تي عالمي سطح تي فورن حل نه ڪڍيو ويو ته پوءِ1800 واري “واٽر وار” جهڙو امڪان به پيدا ٿي سگهي ٿو.
پوري دنيا جيان چين ۽ ڀارت ۾ اهو مسئلو انتهائي سنجيده بڻجي ويو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ يانگتسي ۽ بيانگ درياهن جو پاڻي تڪراري بڻيو بيٺو آهي. پاڪستان لاءِ به اهي درياهه مسئلو آهن. جڏهن ڪنهن علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيندي آهي ته ان جي قيمت وڌي ويندي آهي، ۽ پوءِ ان کي وڪرو ڪيو ويندو آهي، جنهن سان عالمي سطح تي سياسي ۽ اقتصادي تبديليون اينديون آهن. زرعي پيداوار نه ٿيندي ته پوءِ غذائي کوٽ پيدا ٿيندي.
ڀارت لاءِ پاڻي واري ٺاهه (سنڌ طاس معاهدو) مان نڪرڻ ڪو ايترو سولو ناهي، ان جا جيڪي نتيجا نڪراندا، ان سان ڀارت کي به گهڻو نقصان ٿيندو. انڊيا وٽ جاگرافيائي طاقت آهي، ڇو جو انڊس تبتين بليٽس مان نڪرندو آهي، جيڪو ڪشمير جي لداخ وارن پهاڙن مان ٿي انڊيا مان ٿيندو پاڪستان ۾ داخل ٿيندو آهي. هونءَ به درياهن جي وهڪرن ۾ رڪاوٽون تباهي آڻينديون آهن، ڇو جو درياهه سرحدون ۽ ملڪ ناهن ڏسندا، هو صرف پنهنجي لاءِ رستو ٺاهيندا آهن. پاڪستان ۾ پوري زراعت جو انحصار آبپاشي تي آهي، جيڪو اسان جي جي ڊي پي ۾ 22 کان 24 سيڪڙو حصو وجهي ٿو. 37 سيڪڙو افرادي قوت کي ملازمت ڏيندو آهي ۽ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح 70 سيڪڙي جو واپار ڏيندو آهي. درياه جي وهڪري واري نازڪ توازن ۾ ان سنڌ طاس معاهدي ۾ خلل سان پورو اقتصادي ڍانچو خطري ۾ پئجي ويو آهي.
موسمياتي تبديليون، قدرتي آفتون، جهڙوڪ ٻوڏون، سوڪهڙو ۽ برف جو نه رجڻ پوري دنيا کي متاثر ڪري رهيو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙين موسمياتي تبديلين ۾ تيزي اچي وئي آهي. پاڻي جا وسيلا کٽي رهيا آهن. گڏيل قومون، عالمي بينڪ ۽ ٻيا عالمي ادارا ان بحران کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. سارڪ وارو پليٽ فارم به ڪجهه ناهي ڪري سگهيو. ظاهري طور تي پاڪ- ڀارت پاڻي ڇڪتاڻ سڀني کي نظر اچي رهي آهي ته انڊيا جي پاڻي روڪڻ سان مسئلا وڌنڌا پر ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو اهم اتحادي چين به پاڪستان لاءِ گهڻا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. چين تبت ۾ ڊيم ٺاهي رهيو آهي، اهي انڊيا سان گڏ پاڪستان لاءِ به وڏو مسئلو بڻجي ويندا، ڇو جو برهم پترا دريا، جنهن جو پاڻي سنڌوءَ ۾ اچي ٿو، اهو پاڻي پاڪستان استعمال ڪندو آهي، جيڪڏهن چين ان جي وهڪرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ پاڪستان ۾ به پاڻيءَ جي گهٽتائي ٿيندي. ان ڪري عالمي سطح تي شروع ٿيل جنگ اصل ۾ پاڻي جي جنگ آهي، جيڪا هاڻ ظاهر ٿي رهي آهي، ان جا صرف ڏکڻ ايشيا نه پر پوري دنيا تي به پوندا.