بيجنگ(م ڊ) چين هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت کي صبر کان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي خابرو اداري موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري چڪا آهيون، چين ٻنهي ملڪن سان رابطا جاري جاري رکڻ جو خواهشمند آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته امن ۽ ڊگهي مدي واري جنگبندي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن. هوڏانهن پاڪستان جو نائب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين جي 3 ڏينهن جي دوري تي بيجنگ پهچي ويو. ايئرپورٽ تي چيني عملدارن، پاڪستاني سفير خليل هاشمي پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو. دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون ۽ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.  اسحاق ڊار اڄ چيني هم منصب سان ملاقات ڪندو، پاڪستان، چين ۽ افغان پرڏيهي وزير به بيجنگ ۾ ملاقات ڪندا، چين روانگي کان اڳ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته چين سان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ علائقائي امن سوڌو ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿينديون، پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو به جامع جائزو ورتو ويندو.