پاڪستان ڀارت جي ائير بيسز تي ميزائيل حملن بعد پاڪ ڀارت سيز فائر يعني جنگ بندي لاء راضي ٿي ويا آھن. ڇنڇر ڏينهن شام پنجين وڳي ڌاري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو ٽوئيٽ منٽن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي بريڪنگ نيوز بڻجي ٽي وي اسڪرينن تي ڇانئجي ويو جنهن ۾ آمريڪي صدر چيو ته، “پاڪستان ۽ ڀارت آمريڪي ثالثي ۾ جنگ بندي لاء راضي ٿي ويا آھن”. هن ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته، “ٻنهي ملڪن هوشمندي ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪيو آھي” آمريڪي صدر جي ٽوئيٽ بعد پاڪستان جي پرڏيهي مامرن جي وزير اسحاق ڊار پاڪ ڀارت ۾ جنگ بندي ڪرڻ تي اتفاق جي تصديق ڪئي آھي ته ڀارت جي پرڏيهي وزارت به جنگ بندي جي تصديق ڪئي آھي. آمريڪي ثالٽي ۾ جنگ شروع ڪندڙ ٻنهي ملڪن وچم پيدا ٿيل ڪشيدگي ختم ڪرڻ لاء ڪهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي ٿو، ان بابت چٽائي ته جلد ٿي ويندي پر اهو واضح آھي ته هاڻي ٻئي ملڪ ڳالهين جي ميز تي اچي ايندا پر اهو ڏسڻو پوندو ته تڪرارن جو سبب بڻجندڙ مامرا ڪيئن حل ٿين ٿا. ڀارت ۽ پاڪستان وچم جنگن جو سبب پهريان رڳو ڪشمير مسئلو هوندو هيو، هاڻي ان ۾ ٻن وڌيڪ مسئلن جو واڌارو ٿيو آھي، جن ۾ هڪ دهشتگردي جون ڪاروايون ۽ ٻيو سنڌ طاس معاهدي جو معطل ٿيڻ وارو مامرو شامل آھي. 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات جو جڏهن ڀارت اڳرائي ڪندي پاڪستان اندر سولين آباد کي جنگي هٿيارن جو حدف بنايو ته پاڪستان ان جي جواب ۾ ڀارت جا پنج جهاز ڪيرائي ان جي فوجي تنصيبات کي حدف بنايو. پاڪ ڀارت وچم لڳ ڀڳ چار ڏينهن تائين هلندڙ جنگ دوران پاڪستان ته ڪنهن حد تائين تحمل جو مظاهرو ڪندي نظر آيو پر ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي جنونيت مامري کي ٻرندي تي تيل وارو ڪم ڪري رهي هئي. 9 ۽ 10 مئي جي وچواري رات جڏهن 77 ڊرون حملن بعد ڀارت پاڪستان جي نور خان ايئربيس، شورڪوٽ ايئربيس ۽ مريد ايئربيس کي ميزائيلن جو نشانو بنايو ته حملن جي فوري بعد پاڪستان ڀارت خلاف آپريشن ‘بنيان مرصوص’ يعني لوهي ديوار نالي آپريشن جو اعلان ڪندي ڀارتي ايئربيس سسٽم ۽ فوجي تنصيبات کي حدف بنائي سخت جوابي ڪاروائي ڪئي، جنهن ڪاروائي بعد ڀارتي فوج اها تصديق ڪئي ته پاڪستان جي ڪارواين سان ڀارت جو نقصان ٿيو آھي. ڏسجي ته ڀارت جي 9 ۽ 10 مئي جي رات ڪيل ڪارواين سبب پاڪستان جي برداشت ۽ تحمل مزاجي جو بند ٽُٽي پيو ۽ پاڪستان سخت جواب ڏيندي اڳتي جي حڪمت عملي لاء ڪمانڊ اٿارٽي جو اجلاس طلب ڪيو ,سموري سياسي قيادت سان رابطا ڪيا جنهن بعد هاڻي پاڪ ڀارت وچم جنگي ويڙھ تيز ٿيڻ جا سنجيده خطرا لامارا ڏيندي محسوس ٿيڻ لڳا. ڀارت ۽ پاڪستان وچم هلندڙ چار ڏينهن جي ڪشيدگي ۾ فوجي تنصيبات سوڌو سولين آبادين کي نشانو بنايو ويو جنگي هٿيارن استعمال ٿيا جن ۾ بنا پائليٽ وارا ڊرون به شامل هئا. ٻنهي ملڪن وچم نه رڳو فضائي ويڙھ شروع ٿي پر زميني ۽ سامونڊي حدن ۾ به هڪ ٻئي خلاف تياريون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن ۾ ڪشيدگي جڏهن سنجيده نوعيت جي شدت اختيار ڪئي ته آمريڪا پاران پاڪستان جي آرمي چيف , پرڏيهي وزير سوڌو ڀارت سان رابطا ڪيا ويا. چين به ٻنهي ملڪن وچم مامرن جي پرامن حل جون ڪوششون ڪيون. سعودي ۽ ايران به اڳتي اچي ڪوششن ۾ شامل ٿيا پر اهو سڀني کي معلوم هيو ته ٻنهي ملڪن وچم پيدا ٿيل جنگ جي صورتحال ۾ ٺاپر لاء ثالثي آمريڪا، چين يا روس جي ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي. جڏهن 6 ۽ 7 مئي تي ڀارت اڳرائي ڪري ٻنهي ملڪن وچم جنگ جو طبل وڄايو ته مون 8 مئي واري ڏينهن روزاني پنهنجي اخبار ۾ ‘ڀارت جي اڳرائي، عالمي برادري جي خاموشي ڇا گريٽ گيم جو حصو آھي” جي عنوان سان ڪالم لکيو هيو. اهو ڪالم ان ڪري لکيو هيو جو جڏهن روايتي مخالف ملڪ جنگ جي ميدان ۾ اچي پهچندا آھن تڏهن سياسي مفادن کان ويندي روايتي دشمني جي عنصرن کان وڌندي ڪاميابي ۽ ناڪامي جا عنصر به شامل ٿي ويندا آھن. اهڙي صورتحال جهيڙيندڙن کي هڪ ٻئي کي زير ڪرڻ جي دٻاء هيٺ آڻي بيهاريندي آھي، جنهن ۾ ٻنهي جهيڙيندڙ ملڪن پاران پاڻ هرتو ڳالهين ذريعي رستو ڪڍڻ جو امڪان بلڪل نه هجڻ برابر هوندو آھي. اهو پاڪستان ۽ ڀارت وچم پيدا ٿيل صورتحال مان به نظر اچي رهيو هيو پر ثالثي لاء آمريڪا سوڌو ڪو طاقتور ملڪ سامهون نه اچي رهيو هيو. منهنجي خيال ۾ آمريڪا پاران پاڪستان ۽ ڀارت وچم ثالثي لاء اڳتي اچڻ جو هڪ اهم سبب به شامل آھي اهو سبب اهو آھي ته ڀارت ۽ پاڪستان وچم شروع ٿيل ويڙھ بعد “جنگي هٿيار ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪن مان ڪنهن ملڪ جا جنگي هٿيار ۽ جنگي جهاز سازو سامان وڌيڪ موثر آھن” وارو ڇڙي پيل بحث به آھي.
اوهان اگر گوگل به سرچ ڪندو ته اوهان کي اها معلومات آساني سان ملي ويندي ته دنيا ۾ جنگي هٿيار ۽ سامان وڪرو ڪندڙ ملڪن ۾ آمريڪا سڀ کان وڌيڪ هٿيار وڪرو ڪندڙ ملڪ آھي. هڪ رپورٽ مطابق 2019 کان 2023 تائين دنيا ۾ مجموعي طور تي وڪرو ٿيندڙ جنگي هٿيار مان 41.7 سيڪڙو هٿيار آمريڪا وڪرو ڪيا. ان بعد فرانس 10.9 سيڪڙو، 10.5 سيڪڙو روس، 5.8 سيڪڙو چين ۽ 5.6 سيڪڙو جرمني هٿيار وڪرو ڪيا. جڏهن ته سال 2024 جي هڪ رپورٽ موجب انهي سال سـڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آمريڪا 42.33 ارب ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪيا. آمريڪا بعد ترتيب وار روس، فرانس، ڏکڻ ڪوريا، اٽلي سڀ کان وڌيڪ هٿيار وڪرو ڪندڙ ملڪ طور سامهون آندا ويا. ان رپورٽ ۾ دنيا ۾ وڪرو ٿيندڙ مجموعي جنگي هٿيارن ۾ چين کي ڏهين نمبر تي ڏيکاريو ويو آھي پر چار ڏينهن جي پاڪ ڀارت جنگ جي صورتحال بعد جيڪو بحث ڇڙي پيو جنهن ۾ جنگي هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي ٺاهيندڙ ملڪن وچم به مقابلي بازي جي بحث کي جنم ڏنو، اهو عمل به شايد دنيا ۾ سڀ کان وڏي هٿيارن جي واپاري ملڪ جي ڪاروباري مفادن وٽان نه هجي ۽ شايد اهو عمل کيس چين جي حق ۾ فضا ٺاهيندڙ لڳندو هجي، جنهن کيس ثالثي لاء اڳتي اچڻ لاء مجبور ڪيو هجي. ائين چين جي به ثالثي لاء موثر ڪردار ادا ڪرڻ لاء اڳتي نه اچڻ جو سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بعد چيني ٽيڪنالاجي جي واه واه ٿي سگهي ٿي. بحرحال مامرو ڪجھ به هجي ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطلب خاص طور تي هن خطي ۽ دنيا ۾ رهندڙ غريب طبقي کي تباهي کان بچائڻ آھي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه پر مسئلن جي ماءُ تصور ڪئي ويندي آھي ۽ هر مسئلي جو حل جنگ بعد به ڳالهين ذريعي ئي نڪرندو آھي. پاڪستان ۽ ڀارت وچم ٿيل جنگيون ان جو مثال آھن پر ڀارت کي ڪجھ عرصي بعد جنگي جِن جاڳي پوندو آھي، جيڪو هن خطي کي هر ڀيري ڏھ پنڌرنهن سال پوئتي ڌڪي ڇڏيندو آھي. ماضي ۾ پاڪستان ڀارت ۾ ٿيل ڪشيدگي جا نتيجا ڪجھ به نڪتا هجن پر هن ڊجيٽل دور ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچم شروع ٿيل چئين ڏينهن واري جنگ جا ٻنهي ملڪن جي سياست تي اثر مرتب ٿيندي محسوس ٿي رهيا آھن. آمريڪي ثالثي بعد اگر هاڻي ڀارت پهلگام واقعي جي اڻ ڌري جاچ لاء راضي ٿئي ٿو ته ڀارتي حڪومت کي پنهنجي ملڪ جي عوام کي ان سوال جو جواب ڏيڻو پوندو ته اها پيشڪش ته پاڪستان واقعي جي فوري بعد ڪئي هئي، پوء اها پيشڪش قبول ڪرڻ بجاء پاڪستان خلاف جارحيت جو فيصلو ڇو ڪيو ويو؟ اگر طور تي اهو ڏٺو ويو آھي ته ڀارت ۾ جڏهن چونڊ ٿيندي آھي، ان دوران پاڪستان مخالف بيانئي کي چونڊ حڪمت عملي جو حصو بنائي چونڊ وڙهي ويندي آھي ۽ عدم تشدد جي سوچ واري گانڌي جي ديس ۾ انهي انتها پسندي کي پسند ڪيو ويندو آھي. تڏهن ته مودي جهڙا انتها پسند ملڪ جا حڪمران چونڊيا ويندا آھن. پوء اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته چيئن ڏينهن جي جنگ ۾ جيڪا مودي سرڪاري کي منهن جي کائڻي پئي آھي، انتهاپسند سوچ رکندڙ ماڻهو ان حڪومت جو احتساب نه ڪن.
چئين ڏينهن جي جنگ ٻنهي ملڪن جي طاقت کي واضح ڪرڻ سان گڏ سڀ کان وڌيڪ جنهن شعبي کي ايڪسپوز ڪيو آھي اهو آھي ميڊيا جو شعبو. ڀلي مودي سرڪار ڀارت ۾ ميڊيا کي درٻاري بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هجي پر دنيا ۾ موجود آزاد تجزئي ڪارن جي ڀارتي ميڊيا بابت راء کي مودي سرڪار ڪيئن درٻاري بنائي سگهي ٿي؟ ظاهر آھي جڏهن دنيا جي آزاد تجزئي ڪارن ۽ صحافتي ادارن جا تجزيا سوشل ميڊيا ذريعي ڀارتي عوام تائين پهچندا ته ڀارت جي ميڊيا چئين ڏينهن جي جنگ دوران مودي جي پرچارڪ رهي ۽ پوڻا ٻه ارب آبادي کان آزاد ۽ اڻ ڌري معلومات جي حق کان ڀارتي ميڊيا محروم رکيو ته ڀارتي ميڊيا مودي جي درٻاري ٿيڻ تي پنهنجي ساک قبر ۾ ويندي پاڻ محسوس ڪندي. ائين پاڪستان ۾ ميڊيا جيڪا اڳ ئي تاريخ جي شديد بحراني صورتحال کي منهن ڏئي رهي آھي، کي به ڪنٽرولڊ معلومات فراهم ڪرڻ جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا پر ڀارتي ميڊيا جهڙو پاڪستاني ميڊيا ڪردار ادا نه ڪري پاڻ کي ڪنهن حد تائين بچايو پر ڪنٽرول معلومات ئي فراهم ڪرڻ ۽ آزاد تحقيقاتي رپورٽنگ جو موقعو پاڪستان جي ميڊيا به وڃائي ڇڏيو آھي.