اسلام آباد: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي پيشوراڻي مهارت ۽ عزم کي سلام پيش ڪيون ٿا، ملڪي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ملڪ ۽ قوم جي مثالي قيادت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين به پيش ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪ-ڀارت جنگبندي ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي، اسان دنيا کي ڏيکاريو ته هر قسم جو جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، ڀارت سيز فائر ۽ ڳالهين تي مڃي ورتو آهي ڏسڻو آهي ته، ڀارت پاڪستان سان صاف نيت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو يا نه، اميد آهي ته ڀارت ذميواري سان اسان سان ڳالهيون ڪندو، ڀارت صاف نيت سان ڳالهيون ڪندو ته نئين دور جي شروعات ٿيندي.