اسلام آباد / قاهره (م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پاڪ هند ۾ ڇڪتاڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. مصري وزير جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون، دهشتگردي بابت سندس موقف جي حمايت ڪريون ٿا. خطي ۾ امن ۽ پاڪ هند ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.