راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران ڳڙي سان برف پئجي وئي، سڄو گرائونڊ ڳڙن سان ڀرجي اڇو ٿي ويو، جنهن ڪري ميچ ختم ڪيو ويو. ميچ ۾ پاڪستان جي دعوت تي بيٽنگ ڪندي نيوزيلينڊ 18.5 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون پر اوچتو طوفاني برسات ۽ ڳڙو پئجي ويو، جنهن ڪري ميچ روڪيو ويو. نيوزيلينڊ جي مارڪ چيپ 71 رنسون ناٽ آئوٽ ٺاهيون، چيڊ بوز 54 رنسون ٺاهيون. تيز برسات جي ڪري ميدان ۾ پاڻي بيهي ويو ۽ ٻيهر ميچ کيڏڻ ممڪن نه ٿي سگهيو ان ڪري امپائرن ميچ بنا نتيجي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.