ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڀارتي حملن خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو مختلف ڌرين پاران پاڪ فوج سان يڪجھتي جي اظھار ۽ ڀارتي فوج خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي مختلف سياسي پارٽين جي گڏيل يڪجھتي مارچ کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته گجرات جي قصائي جو ناپاڪ نالو به نه ٿو کڻڻ گھران۔ ھو پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي عوام کي قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ته ھن 22 اپريل تي بھلگام ۾ ٿيل دھشتگردي واري واقعي جي ايف آء آر به ٿي وئي ۽ ھن ڊرامو رچايو ويو اسان پنهنجي وچ ۾ ڪھڙا اختلاف ھجن پر ملڪ جي معاملي تي قوم متحد آھي ـ اسانجي وزيراعظم بھلگام واقعي چي جاچ ۾ مڪمل سھڪار جو چيو ۽ اسان دھشتگردي جي خاتمي لاء ڏينهن رات ڪوشش ڪريون پيا اقوام متحدا ثالٽي لاء تيار ھو پر ھن گجرات جي ڪاسائي الزام ھڻي ۽ رات جي اونداھي ۾ 4 پنجاب جي ھنڌن سميت آزاد ڪشمير جي ٻن ھنڌن تي حملو ڪري معصوم سولين کي شھيد ڪيو ويو ۽ 26 شھيدن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آھن پوء چيڪا فوج جواب ڏنو فوج جي پٺيان سدائين عوام بيٺل آھي۔انھي فوج جي جواب ۾ ڀارت سفيد جھنڊا لھرائڻ تي مجبور ٿيو ـ6 ڀارت جا جھاز ڪيرايا ويا ۽ جيڪي به انھن۔ جا چھاز ھوا ۾ ھئا انھن کي ڪيرايون ھا ـ اسان ۾ ايتري صلاحيت آھي۔ وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسان امن چاھيون ٿا ۽ نٿا چاھيون ته ڪنهن جو خون وھي پر جيڪڏهن ڪو اسان ڏانهن پٿر اڇلائيندو ته اسين سر اڇلائينداسين ـھن ملڪ جي سلامتي لاء فوج ۽ قوم گڏ آھي۔ ۔ چند ڪلاڪن ۾ يڪجھتي جو اظهار ڪيو آهي يڪجھتي نڀائڻ لاء سڀ ھتي گڏ ٿيا اھيون ـملڪ کي ضرورت پئي َ ته ملڪ جو 24-25 ڪروز عوام پنهنجي خون جي آخري ڦڙي تائين وڙھندي۔ ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير منعم ظفر ـصوبائي وزير سعيد غني ـ اي اين پي اڳواڻ شاھي سيد۔ ۔ مسلم ليگ ن اڳواڻ علر اڪبر گجر۔ پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ـ ٻي طرف ھڪ ريلي ۾ مودي جي تصوير تي پادرن جو وسڪارو ڪيو ويو ۽ پتلو پڻ ساڙيو ويو ـ