اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ترڪي جي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن ايران تي اسرائيل جي حملي بابت ڳالهيون ڪيون. ترجمان پرڏيهي کاتي مطابق ٻنهي اڳواڻن علائقي جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اسحاق ڊار ايندڙ هفتي استنبول ۾ ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اسحاق ڊار ترڪي جي صدر طيب اردگان جي اعزاز ۾ ٿيل اسلامي ڪوآپريشن يوٿ فورم جي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.