لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪ-بنگلاديش ٽي 20 سيريز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. شيڊول موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 5 ٽي 20 ميچ کيڏيا ويندا. فيصل آباد 17 سالن کان پوءِ ڪنهن بين الاقوامي ڪرڪيٽ ميچ جي ميزباني ڪندو. موجوده شيڊول تحت، 2 ٽي 20 ميچون فيصل آباد ۾ 25 ۽ 27 مئي تي منعقد ڪيون وينديون، جڏهن ته 3 ٽي 20 ميچ لاهور ۾ 30 مئي، 1 جون ۽ 3 جون تي منعقد ڪيون وينديون. بنگلاديش ٽيم جو دورو اڳ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 ميچن تي مشتمل هو، جڏهن ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ، هاڻي ون ڊي جي بدران 2 اضافي ٽي 20 ميچون کيڏيون وينديون. ٻئي ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ڏينهن جي ميچن جي جاءِ تي ٻه اضافي ٽي 20 انٽرنيشنل ميچون کيڏڻ تي متفق ٿيا آهن.