پاڪ- ايران گيس پائيپ لائين تڪرار ۽ نئين اڳڀرائي

0
33
پاڪ- ايران گيس پائيپ لائين تڪرار ۽ نئين اڳڀرائي

  عام طور تي قدرتي گيس سخت سردي جي موسم ۾ گهرن کي گرم رکڻ ۽ رڌ پچاءَ جي سهولت فراهم ڪندڙ هڪ اهم قدرتي نعمت تصور ڪئي ويندي آهي پر ڪجهه سالن کان اها قدرتي نعمت هڪ اهم جيو پوليٽيڪل هٿيار جو روپ ڪري چڪي آهي. يوڪرين جي سرحد تي پيوٽن پاران هڪ لک روسي فوجي آڻي بيهارڻ بعد جرمني، يورپي يونين جي رياستن ۽ روس وچ ۾ گيس فراهمي وارو معاهدو رولڙي جو شڪار ٿي ويو. غزه جنگ بعد حوثين جي حملن اسرائيلي ٻيٽ واري شهر عسڪلان مان نڪرندر گيس جي سپلائي به بند ڪرائي ڇڏي آهي. ايران سان جهيڙي بعد هاڻ يورپي ملڪن ۾ گيس جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي، جتي گيس جون قيمتون ماڻهن جي ڀرڻ کان مٿي ٿي ويون آهن.

                  اسرائيل پنهنجي قدرتي گيس مان قومي بجٽ خساري کي گهٽائي ان رقم کي جنگي هٿيارن تي استعمال ڪري رهيو آهي. روس به پنهنجي گيس کي پرڏيهي پاليسي جي اهم نقطي طور مٿي کڻي آيو آهي. قطر ان گيس جي ڪري ‘غير نيٽو اتحادي’ جو درجو حاصل ڪري ورتو.

هن وقت پوري دنيا جون نظرون ايران جي تيل ۽ گيس جي ذخيرن تي ڄميل آهن، جيڪو هن وقت به ڏکڻ ايشيا جي اهم ملڪن جو سپلائير بڻجي ويو آهي. ايران جي ڏکڻ اتر وارن علائقن ۾ ٻن خوفناڪ ڌماڪن بعد ايران جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس سپلاءِ بند ٿي وئي آهي. ايران چيو آهي ته اهي ڌڪاما اسرائيل ڪيا آهن. جڏهن ته پاڪستان سان به گذريل سال واري سرحدي ڇڪتاڻ بعد 2009ع ۾ شروع ٿيل پاڪ- ايران گيس پائيپ لائين، جيڪا هن ئي سال مارچ 2024 ۾ مڪمل ٿيڻي آهي، اها به رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي. جنهن تي ايران پاڪستان تي 18 ارب ڊالر ڏنڊ ڀري ڏيڻ جي دعوا وارو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.

ايران ڀارت، چين ۽ جاپان سان تيل ۽ ٻئي ڪاروبار جي مد ۾ ساليانو 80 ارب ڊالرن جو ڪاروبار ڪندو آهي. پاڪستان ايران کان 104 ميگاواٽ سستي بجلي خريد ڪندو آهي ۽ 100 ميگاواٽ بجلي جا ٻيا ٺاهه پائيپ لائين ۾ آهن پر گيس پائيپ لائين واري منصوبي ايران کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي ملڪ هن وقت به تقريبن 2 ارب ڊالرن جو ساليانو ڪاروبار ڪندا آهن. پاڪستان ايران مان 150 شيون خريد ڪندو آهي، جن ۾تيل، گيس، ايل اين جي، بجلي، کاڄرو تيل، سُڪو کير، سيمنٽ، اسٽيل، ٽائيلز، معدنيات، ڪافي، چانهن، رٻڙ، پلاسٽڪ، ڪيميڪلز، قالين، تارڪول ۽ ٻيون شيون شامل آهن، جڏهن ته ايران پاڪستان کان 10 شيون خريد ڪندو آهي. ٻنهي ملڪن جي سرحدي ڇڪتاڻ ان ڪاروبار کي تمام گهڻو متاثر ڪندي آهي. وڏي ڳالهه ته ايران کي ڊالر جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان ڪري بلوچستان واري سرحدي پٽيءَ ۾ غير قانوني ڪرنسي ڪاروبار به تمام گهڻي منظم انداز ۾ هلندو آهي، جنهن جو اثر پاڪستاني ڊالر جي لاهن چاڙهن تي به پوندو آهي.

ايران 2011ع ۾ پائيپ لائين منصوبي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو هو ۽ مبينه طور تي پاڪستان کي تعمير جي مد ۾ 500 ملين ڊالر جي آڇ ڪئي، جڏهن ته پائيپ لائين جي ڪل لاڳت 7 بلين ڊالر لڳائي وئي. ان معاهدي جو تصور اصل ۾ ايراني گيس کي پاڪستان جي رستي ڀارت تائين پهچائڻ هو پر ڀارت سيڪيورٽي سببن ۽ گهڻي مهانگي پروجيڪٽ جي ڪري ان مان هٿ ڪڍي ويو. هاڻ نئين عالمي صورتحال جي ڪري آمريڪي دٻاءَ سبب پاڪستان ان پروجيڪٽ تان به هٿ پوئتي ڪرڻ شروع ڪيا آهن. وچ اوڀر جي صورتحال سبب عرب ملڪ به ايران کان پاسيرا ٿيندي نظر اچڻ شروع ٿيا ته آمريڪي حڪمت عملي جي سهاري پاڪستان ان جا به متبادل رستا ڳولڻ شروع ڪري ڇڏيا. ان تناظر ۾ ئي پاڪستان قطر مان مائع قدرتي گيس (ايل اين جي) گهرائڻ شروع ڪئي. جڏهن ته 2017ع کان ئي آمريڪا مان ايل اين جي گهرائيندو رهيو آهي.

2018ع جي آخر تائين پاڪستان بجلي جي طلب جو 40 سيڪڙي کان وڌيڪ حصو ايل اين جي مان پورو ڪيو هو. پر هن وقت پاڪستان ۾ گيس ۽ بجلي جو شديد بحران آهي. پاڪستان مسئلي جي حل لا عالمي سيڙپڪار ڳولهي ٿو ته وري ايران جو نالو ئي ان ۾ گهڻي حد تائين رڪاوٽ بڻجيو وڃي. ايران تي آمريڪي پابندين گهڻا ئي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته سعودي عرب ۽ ايران جي ڇڪتاڻ علائقائي سلامتي جي معاملن تي نوان سوال اٿاري رهي آهي.

پاڪ- ايران گيس پائيپ لائين منصوبي تي خرچ ايندڙ رقم، فنڊز جي تلاش ۽ سيڪيورٽي اسٽريٽجڪ سببن جي بنياد تي آمريڪي پابندين بنا به پائيپ لائين جو اهو معاهدو ڪيترين ئي مشڪلاتن جو شڪار بڻجي ويو آهي. انهن ئي سببن جي ڪري پاڪستان ان منصوبي تي بين الاقوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿيندو پيو وڃي. ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام، بهتر ۽ مستقل پرڏيهي پاليسي نه هجڻ ڪري پاڪستان ۾ اهڙا عوام دوست منصوبا رولڙي جو شڪار ئي رهيا آهن ۽ رهندا پيا اچن.

جڏهن ته واشنگٽن جي مسلسل نئين پابندين سبب به تهران شدت سان نون اتحادين جي تلاش ۾ لڳو پيو آهي. جيتوڻيڪ ايران وٽ قدرتي گيس جا تمام وڏا ذخيرا آهن پر انهن پابندين، سياسي ڇڪتاڻ، وچ اوڀر جنگ، ٽيڪنالاجي خساري ملڪ جي ترقي کي ڇيهو رسايو آهي. ايران هن وقت به روزانو 36.24 ملين مڪعب ميٽر گيس برآمد ڪندو آهي پر قدرتي گيس جي عالمي منڊي ۾ ايران جو صرف هڪ في سيڪڙو حصو ئي آهي. ان  حوالي سان پاڪستان ايران پائيپ لائين امن منصوبو پاڻيءَ ۾ ئي ٻڏي ويو آهي، هاڻ ان کي تارڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي آهي.

هن وقت پاڪستان وٽ ان گيس پائيپ لائين کي مڪمل ڪرڻ لا فنڊز ۽ خواهش ٻنهي جي کوٽ آهي ۽ هو موجوده صورتحال ۾ پنهنجي ڪنهن به اتحادي سان به لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ٿو چاهي. اهو ئي سبب آهي ته ايران ۽ سعودي عرب کي ويجهو آڻيندڙ چين کي بيڪ ڊور ڊپلوميسي تحت وچ ۾ آڻڻ جو به عمل شروع ٿي ويو آهي، جيئن ان اهم پروجيڪٽ کي آمريڪي دٻاءَ کان بچائي مڪمل ڪجي، جنهن تحت چين پاڪستان کي ايران کان گوادر تائين پائيپ لائين وڇائي ڏيندو، باقي گوادر کان اڳتي پاڪستان پاڻ خرچ ڀريندو. مطلب ته پاڪستان ان منصوبي کي ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهرئين مرحلي ۾ گوادر تائين پائيپ لائين وڇائي ويندي ۽ آمريڪا ان تي اعتراض نه ڪيو ته ٻئي مرحلي ۾ ان کي نوابشاهه تائين وڌايو ويندو. هڪ خبر اها پڻ آهي ته، پائيپ لائين جي تعمير لاءِ گيس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي مد ۾ گڏ ٿيل 45 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا. آمريڪي پابنديون لڳن ٿيون ته پوءِ پاڪستان وٽ ان منصوبي کي ترڪ ڪرڻ جو معقول جواز هوندو. اهڙي ريت پاڪستان ثالثي عدالت جي 18 ارب ڊالرن جي ڏنڊ کان بچي ويندو.

پاڪستان گذريل سال مسين مسين عالمي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو هو، ان ڪري هاڻ آءِ ايم ايف جي ڪنهن داٻي کان بچڻ لاءِ ان وچئين رستي وٺڻ تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ملڪ جي اقتصادي صورتحال ان کان گهڻي قدر خراب آهي پر ان گيس پائيپ لائين جا خطي جي جاگرافيائي سياست تي تمام گهرا اثر مرتب ٿيندا. ڪهڙو به گهڻ قومي اقتصادي منصوبو، خاص طور تي غير مستحڪم ڏکڻ ايشيائي خطي کي فائدو پهچائي سگهي ٿو ۽ ان جي سلامتي کي وڌائي سگهي ٿو پر ايران ۽ آمريڪا جي چڪتاڻ ۽ عرب ملڪن جي پنهنجي دشمني ۽ مخالفت کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته اهو منصوبو هڪ خواب ئي رهجي ويندو. پاڪستان آءِ ايم ايف جو مقروض آهي. جيڪو قرض هو آءِ ايم ايف کان وٺندو آهي، ان ۾ آمريڪا ۽ ان جا اتحادي گارنٽيئر آهن، ان ڪري پاڪستان ايران کان تيل نه ٿو وٺي سگهي، جڏهن ته چين، روس، جاپان ۽ ڀارت آءِ ايم ايف کان قرض ناهن وٺندا، ان ڪري هو آزاد واپار ڪري سگهن ٿا.