اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ ايران ٻطرفه تعلقات ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ذريعن مطابق هلندڙ مهيني وزيراعظم شهباز شريف جي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات جو امڪان آهي، ملاقات بلوچستان جي علائقي پشين ۾ متوقع آهي، ملاقات جي لاءِ وزيراعظم پاران خصوصي طور تي 18 مئي تي بلوچستان جي دوري جو امڪان آهي، پاڪستان هن وقت ايران کان 200 ميگاواٽ بجلي امپورٽ ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي ايران کان بجلي جي امپورٽ 500 ميگاواٽ تائين وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي، پاڪستان 2002ع کان مڪران ڊويزن جي لاءِ ايران کان بجلي امپورٽ ڪري رهيو آهي، ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪ ايران سرحدي منڊي جي باضابطه افتتاح جو به امڪان آهي، وزيراعظم ايراني صدر سان گڏ ايران کان بجلي جي امپورٽ، ايران سرحدي منڊي جي قيام ۽ پشين جي نئين گذرگاهه جي انتظامن تي بريفنگ وٺندو، ايران جي مجلس قومي سلامتي پرڏيهي پاليسي جي ڪميشن چيئرمين واحد جلال زاده جي تازي پاڪستان جي دوري دوران لاڳاپيل مامرن کي حتمي شڪل ڏني وئي، ذريعن مطابق ايران ۽ پاڪستان جي سرحد تي ٽيون نيون تجارتي منڊيو به کوليون پيون وڃن، مند واري هنڌ تي پاڪ ايران تجارتي منڊي کي کوليو ويو آهي، وڌيڪ ٻن منڊين کي کولڻ جي حوالي سان ڪم جاري آهي.