پشاور (م ڊ) پاڪ – ايران سرحد ويجهو دهشتگردن حملو ڪري 8 پاڪستانين کي قتل ڪري ڇڏيو، مارجي ويلن جو تعلق بهاولپور سان ٻڌايو پيو وڃي، پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار تفصيل حاصل ڪري رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن کي ايراني سيستان بلوچستان صوبي ۾ ماريو ويو. پاڪستان مخالف دهشتگرد تنظيم طرفان کين نشانو بڻايو ويو. ڏورانهون علائقو هئڻ ڪري واقعي بابت ايراني عملدارن طرفان ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سفارتخاني جا آفيسر واقعي واري هنڌ روانا ٿي چڪا آهن، لاشن جي تصديق ۽ شناخت جو عمل جاري آهي. شروعاتي اطلاعن موجب مارجي ويل پاڪستاني موٽر مڪينڪس هئا.