اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ايراني سرحد تي ڦاٿل 600 مال بردار ٽرڪن کي ڇهن مهينن کان ڪليئرنس نه ٿيڻ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ايراني سفارتخاني جي آفيسرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪ ايران سرحد تي واپار ۾ رڪاوٽن سبب روزانو 22 لک ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي، پاڪستاني اختيارين طرفان ايراني ٽرڪ ڊرائيورن کان بئنڪ گارنٽي طلب ڪئي ويندي آهي. پاڪستان سان گوادر ۾ رمدان بارڊر ذريعي آساني سان واپاري ٿي سگهي ٿو، ايران وڃڻ واري پاڪستاني ٽرڪن کان ڪو به ٽيڪس ناهي ورتو ويندو. ايران پاڪستاني ٽرڪن کي 6 رپيا في ليٽر تيل ڏئي ٿو، پاڪستان حڪومت واپار ۾ آسانيون پيدا ڪري، ڪاميٽي جي ميمبرن ايراني اختيارين جي بريفنگ تي حيرت جو اظهار ڪيو. ڪاميٽي ميمبر فاروق نائيڪ چيو ته اهي ڳالهيون اسان لاءِ شرم ۽ ٻڏي مرڻ جي برابر آهن.اهو معاملو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا ۾ سرفهرست هجڻ گهرجي، ان سڄي معاملي جو وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. فيصل واوڊا چيو ته رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو. اهو ظلم آهي ته حڪومت 15 ڏينهن کان ڪسٽم ڪليئرنس ايجنٽن کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن بجلي جي سبسڊي بابت بريفنگ ڏيندي ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي سبسڊي صرف بي آءِ ايس پي جي فائدي وارن تائين محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڪاميٽي ميمبر انوشي رحمان چيو ته بجلي تي ڪنهن به قسم جي سبسڊي نه هجڻ گهرجي، اوهان غريب عورتن کانپوءِ مردن سميت پوري ملڪ کي پينو فقير بڻائڻ چاهيو ٿا؟ فيصل واوڊا چيو ته اسٽينڊنگ ڪاميٽين ۾ وفاقي وزير پيش ناهن ٿيندا. جنهن ڪميٽي ۾ ويندو آهيان وزير غائب هوندا آهن. ڪابينا ۾ فيصلا پسند نا پسند سان ٿيندا آهن. ڪيستائين ايڪسپائر جمهوري لاش معاشي فيصلا ڪندا رهندا.