
پشاور / اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ڪابل ايئرپورٽ تي دهشتگرد حملي جي ماسٽر مائينڊ کي پاڪ-افغان سرحد وٽان گرفتار ڪيو، گرفتار داعش ڪمانڊر شريف الله آمريڪي شهري آهي،سيڪيورٽي ذريعن موجب شريف الله عرف جعفر کي خصوصي آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو، 26 آگسٽ 2021ع تي حملي ۾ ملوث شريف الله آمريڪي انٽيليجنس جو هاءِ ويليو ٽارگيٽ هو، آمريڪي خبر ايجنسي جي رپورٽ موجب آمريڪي اختيارين کي 10 ڏينهن اڳ گرفتاري جو اطلاع ڏنو ويو هو، رپورٽ موجب نئين سي آءِ اي ڊائريڪٽر عهدو سنڀالڻ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان ۾ سينيئر انٽيليجنس اختيارين آڏو ڪابل حملي جو معاملو اُٿاريو هو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا، آمريڪا سان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڀائيواري جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو، وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان سدائين دهشتگردي خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اُن جو مقصد دهشتگردن کي محفوظ ٺڪاڻا مهيا ڪرڻ کان روڪڻ ۽ ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف ڪارروائي لاءِ جاءِ نه ڏيڻ آهي، دهشتگردي جي سمورين صورتن خلاف جنگ جاري رکي ويندي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ فوجين ۽ شهرين جي جانين جي قرباني شامل آهي، ملڪ مان دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪابل ۾ آمريڪي فوج تي حملي ۾ ملوث داعش ڪمانڊر جي گرفتاري تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا، آمريڪي ڪانگريس کي پهرئين خطاب ۾ ٽرمپ چيو ته افغانستان مان شرمناڪ واپسي وقت داعش حملو ڪري 13 آمريڪي اهلڪارن کي قتل ڪيو، اهو ٻڌائيندي خوشي ٿئي ٿي ته افغانستان ۾ دهشتگردي جو ذميوار پڪڙ ۾ اچي ويو آهي، کيس انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ لاءِ آمريڪا آندو پيو وڃي، دهشتگرد جي گرفتاري ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جا خاص ٿورا مڃون ٿا، پاڪستان ڪابل ايئرپورٽ تي حملي ۾ ملوث داعش ڪمانڊر محمد شريف الله کي پاڪ – افغان سرحد وٽان گرفتار ڪيو هو، هوڏانهن آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار مائيڪل والٽر جو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان فون تي رابطو ڪري دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن تي ٽرمپ انتظاميا طرفان ٿورا مڃيا، اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ٽرمپ انتظاميا سوڌو آمريڪا سان پائيدار لاڳاپا وڌائڻ گهري ٿو، نائب وزيراعظم پاران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا سان سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جان ريٽ ڪلف جو چوڻ آهي ته هن آمريڪي صدر جي هدايت تي پاڪستاني عملدارن سان ڳالهايو هو ۽ چيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ کيس داعش ڪمانڊر محمد شريف الله کي گرفتار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز آمريڪي هدايت تي داعش ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو.