چمن (م ڊ) پاڪ، افغان سرحد تي بابِ دوستي هفتي بعد کُلي ويو، واپار ۽ اچ وڃ بحال ٿي وئي، ڪسٽم اختيارين موجب ڪسٽم ڪليئرنگ ۽ اميگريشن آپريشن به ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي، باب دوستي سان سينٽرل ايشيا لاءِ پاڪستاني تازن ميون جي ايڪسپورٽ به بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته افغانستان کان ٽماٽرن ۽ بصرن جي برآمد به 7 ڏينهن جي دير کانپوءِ شروع ٿي وئي آهي، بابِ دوستي جي ٻنهي پاسن کان سيڪيورٽي فورسز هاءِ الرٽ رهيون. واضح رهي ته 13 نومبر تي پاڪ، افغان سرحد باب دوستي تي افغانستان کان داخل ٿيندڙ دهشتگرد فائرنگ ڪري هڪ ايف سي اهلڪار کي شهيد ۽ ٻن کي زخمي ڪيو هو، جنهن بعد بابِ دوستي کي احتجاجن بند ڪيو ويو هو.