پاڪ-آمريڪا واپاري ڳالهيون ڪامياب: ايندڙ هفتي معاهدو ڪرڻ تي اتفاق

0
24
پاڪ-آمريڪا واپاري ڳالهيون ڪامياب: ايندڙ هفتي معاهدو ڪرڻ تي اتفاق
پاڪ-آمريڪا واپاري ڳالهيون ڪامياب: ايندڙ هفتي معاهدو ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار متعلق ڳالهيون ڪامياب، ايندڙ هفتي معاهدي تي اتفاق ڪيو ويو. ناڻي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ آمريڪا جي واپار بابت سيڪريٽري هاورڊ لٽنڪ جي وچ ۾ ٻطرفن ٽيرفن بابت ورچوئل ملاقات ٿي، ملاقات دوران ٻنهي ڌرين جاري ڳالهين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار بابت ڳالهين کي ايندڙ هفتي اندر مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. واپار جي معاهدي کان پوءِ گڏيل مفادن تي ٻڌل هڪ جامع شراڪتداري قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته هيءَ شراڪتداري اسٽريٽجڪ ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپيءَ وارن سڀني پاسن کي احاطي ۾ آڻيندي، ڳالهين جو مرڪز واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ گهاٽو ۽ اثرائتو بڻائڻ هو، ته جيئن ٻنهي ملڪن لاءِ برابر فائدا حاصل ٿي سگهن. هن سلسلي ۾ فني سطح تي ڳالهيون ايندڙ هفتي مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، ٻنهي ملڪن جلد کان جلد واپاري معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.