اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ پئٽرول ۽ ڊيزل تي 5 رپيا في ليٽر ڪاربن ليوي لڳڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ جي تياري ۽ ٻين معاملن تي پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيڪنيڪي وفد ۾ ڳالهيون اڄ سومر کان باضابطا شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ٽيم سان نون ٽيڪسن بابت قدمن ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ تي ڳالهيون ٿينديون، آءِ ايم ايف ٽيڪنيڪي وفد سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر اختياريون شرڪت ڪنديون، نئين خصوصي اقتصادي ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز جي ٽيڪس مراعتن تي حتمي فيصلو ٿيندو، آءِ ايم ايف خصوصي اقتصادي زون، ايڪسپورٽ شعبي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جي مخالفت ڪئي آهي، موجوده خصوصي اقتصادي زونز کي حاصل مراعتون 2035 تائين ختم ٿينديون