ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ 35 سيڪڙو عورت ڊاڪٽرياڻيون نوڪري نٿيون ڪيون. اهڙو انڪشاف گيلپ سروي دوران ٿيو آهي، ليبر فورس 21-2020ع ۾ پنهنجي تحقيقي جي بنياد تي گيلپ پاڪستان ۽ پرائيڊ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ليبر مارڪيٽ ۽ خاص طور تي عورت ميڊيڪل گريجوئيشن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ۽ رپورٽ ترتيب ڏني. سروي ۾ سڄي پاڪستان مان تقريباً 99900 گھراڻن جا تفصيل گڏ ڪيا ويا۽ پهريون ڀيرو ضلعي سطح تي نتيجا به فراهم ڪيا هئا.  سروي موجب هڪ پاسي پاڪستان ۾ قابل ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي ته ٻئي پاسي 36 هزار کان وڌيڪ ڊاڪٽرياڻيون يا ته بي روزگار آهن يا اهي مختلف سببن جي ڪري ليبر فروس مان ٻاهر آهن يعني اهي نوڪري نٿيون ڪن.