اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ فوتگين ۾ گهٽتائي ٿي آهي، گذريل 24 ڪلاڪ ۾ وائرس وگهي وڌيڪ 83 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو مجموعي انگ 19 هزار 467 ٿي ويو، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 531 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ ڪورونا ڪيزس مثبت اچڻ جِي شرح 5 ڏهائي 6 سيڪڙو رهي، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 30248 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1531 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ 83 ماڻهو فوت ٿي ويا..