پاڪستان ۾ ڪورونا مريضن ۾ بليڪ فنگس جو انڪشاف، 4 ڄڻا فوت

0
273
ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا سان متاثر مريضن ۾ بليڪ فنگس جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ذريعن مطابق پاڪستان ۾ بليڪ فنگس سبب 4 ڪورونا مريض فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻئي طرف ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي سينٽرن پاران بليڪ فنگس جا اهي ڪيس رپورٽ ناهن ڪيا ويا. وچڙندڙ بيماري جا ماهر چون ٿا ته بليڪ فنگس دماغ ۽ ڦڦڙن تي اثرانداز ٿيندو آهي، هي اهو ساڳيو فنگس آهي جيڪو ماني کي به لڳندو آهي. ياد رهي ته ، مريضن ۾ هن موتمار فنگس جي تشخيص ڪرڻ مشڪل آهي.