لنڊن (م ڊ) ڀارتي ڳجھي ايجنسي پاران پاڪستان ۾ 29 ڄڻا قتل ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ برطانوي اخبار گارڊين انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي 2020 کان هيل تائين پاڪستان ۾ 29 ڄڻن کي قتل ڪرايو. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪارروائين ۾ ڀارتي انٽيليجنس سليپر سيلز ملوث آهن. برطانوي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارتي حڪومت پاڪستان ۾ ماڻهن کي قتل ڪرايو، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را کي ڀارتي وزيراعظم مودي جي آفيس مان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. رپورٽ موجب اولهه ملڪن ۾ ڀارتي آپريشنز ۾ خالصتان تحريڪ جي سک عليحدگي پسندن کي به نشانو بڻايو ويو. برطانوي اخبار موجب ڀارتي انٽيليجنس آفيسرن جو چوڻ آهي ته ٻاهر ڌيان جو رجحان 2019 ۾ پلواما حملي کان شروع ٿيو. هڪ ڀارتي انٽيليجنس آفيسر اخبار کي ٻڌايو ته ڀارتي انٽيليجنس اسرائيلي ۽ روسي ڳجهي ايجنسين مان متاثر ٿي ٻاهرئين ملڪ ڪارروائيون ڪيون.