ڪابل (م ڊ) افغان طالبان فتنو پکيڙيندڙ خارجين کي خبردار ڪيو آهي ته امير جي حڪم خلاف پاڪستان ۾ وڙهڻ جائز ناهي، ٻئي ملڪ جهاد ڪرڻ وارا حقيقي مجاهد نه آهن، جهاد جي اجازت ڏيڻ ڪنهن فرد يا گروهه نه رڳو رياستي امير جو اختيار آهي، جيڪڏهن رياستي قيادت جي حڪم باوجود پاڪستان وڃڻ نافرماني آهي، تقريب کي خطاب ڪندي افغان طالبان جي ڪمانڊر سعيد الله سعيد چيو ته جهاد جو اعلان يا اجازت ڏيڻ رڳو رياستي امير جو اختيار آهي، ڪنهن گروهه يا فرد جو نه آهي، جيڪڏهن رياستي قيادت پاڪستان نه وڃڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي ته ان باوجود وڃڻ ديني نافرماني آهي