پاڪستان ۾ وري نئين شامت: 72 لک ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو

0
310

جنيوا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي اداري ٻوڏ متاثرن لاءِ 81 ڪروڙ 60 لک ڊالرز امداد جي نظرثاني اپيل ڪري ڇڏي

جنيوا ۾ نظرثاني اپيل واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته پاڪستان غذائي کوٽ ۽ وبائي بيمارين جي وڏي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي

وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته عالمي برادري انساني جانيون بچائڻ لاءِ فوري طور حرڪت ۾ اچي، دنيا کي چئون ٿا ته تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ اسان کي اڪيلو نه ڇڏيو

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جي تباهڪارين سبب هاڻي پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ سان گڏ وبائي بيمارين وگهي ماڻهو مرڻ جو چئلينج به درپيش آهي

عالمي اداري جي انساني همدردي بابت ڪو آرڊينيٽر جولين هارنيس چيو ته متاثر علائقن جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته صورتحال خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، غذائيت جي کوٽ سبب 72 لک ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي

ھي به پڙھندا

ٻوڏ: گڏيل قومن پاڪستان جي لاءِ انساني امداد جي اپيل ۾ پنجوڻ تي اضافو ڪري ڇڏيو

آءِ ايم ايف پاران ٻوڏ واري صورتحال باوجود پاڪستان لاءِ پاليسيون تبديل ڪرڻ کان انڪار