اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جو ٽيون ڪيس سامهون اچي ويو. وفاقي اختيارين موجب خيبر پختونخواهه جي ضلعي بنون جي يونين ڪائونسل گهوڙا بڪا خيل ۾ هڪ ڏيڍ ورهين جي ٻارري پوليو وائرس جي نتيجي ۾ معذور ٿي وئي. وفاقي اختيارين ٻڌايو ته هيل تائين پوليو سان متاثر ٿيندڙ ٻارن جو انگ 3 ٿي ويو آهي ۽ پوليو سان متاثر ٽئي ٻار ضلعي بنون جا رهندڙ آهن.
اختيارين موجب بنون ضلعي جي ماحولياتي نمونن ۾ به هڪ ڀيرو پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ هيل تائين 34 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.