ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان کي سڌارن ۽ نون صوبن جي ضرورت آهي، انهي مسئلي تي بحث نٿو ڪري سگهجي. ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته ملڪ جون سياسي پارٽيون ۽ نظام جيستائين آئين تحت ڪم نه ڪندا، تيستائين بهتري نه ايندي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪئنال ٺاهڻ پي چاهيا ته کيس اهو مامرو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻ گهرجي ها، هن وقت سنڌ سراپا احتجاج آهي، انهي احتجاج جو ملڪ تي اثر پوندو، هن چيو ته ملڪي سياست ۾ انتشار آهي، پاڪستان ۾ نون صوبن ۽ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته بلوچستان ۾ ماڻهو هٿيار ڇو کڻي رهيا آهن؟ انهي مسئلي جو حل صرف ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي ڳولي سگهجي ٿو.