نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪاميٽي پاڪستان ۾ مذهبي بنيادن تي ٿيندڙ ڏوهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ڪاميٽي پاڪستان سميت 6 ملڪن ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، ڪاميٽي پاڪستان ۾ تعصب، نفرت انگيز تقرير، نفرت انگيز ڏوهن، هجومي تشدد ۽ مذهبي اقليتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، توهين مذهب جي ڪوڙي الزامن جي واقعن جو ذڪر ڪندي ڪاميٽي پاڪستاني حڪومت تي زور ڀريو ته هو انهن سمورن واقعن جي جاچ ڪري ۽ انهن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي سزا ڏني وڃي.