ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ قيمتون وڌڻ سبب تيل جو وڪرو گھٽجي ويو آهي. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ ۾ اگهه بلند ترين سطح تي پهچڻ سان پيٽرول جي وڪري تي اثر پوڻ لڳا. آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل موجب آگسٽ جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر ۾ پيٽروليم شين جي وڪري ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ سيپٽمبر دوران رڳو 10 لک ٽن پيٽروليم شيون وڪرو ٿيون. انگن اکرن موجب بجلي پيدا ڪندڙ فرنس آئل جي وڪري ۾ 61 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا کانپوءِ پيٽروليم شين جو اهو گهٽ ترين وڪرو آهي.