اسلام آباد/ڪراچي (بيورو رپورٽ + اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف به وٺ پڪڙ تيز، ڪراچي مان 72 افغاني سوگها ڪيا ويا، تفصيل موجب وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس چيو آهي ته اسان جو ملڪ هاڻ غيرقانوني ترسيل پرڏيهين جو بار نٿو کڻي سگهي، انهن کي واپس اماڻيو ويندو. هوڏانهن ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، ڪراچي مان 23 افغاني سوگها ، ڪيس پڻ داخل، ان ڏس ۾ ڪراچي جي فيروز آباد ۽ مبينا ٽائون پوليس ڌار ڌار ڪاررواين دوران 18 افغان شهري گرفتار ڪري مٿن  ڪيس داخل ڪيا آهن، ٻئي طرف ملير جي علائقي قائد آباد مان به غيرقانوني طور ترسيل 5 افغاني گرفتار ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل افغان شهرين خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.